نئون دمبالو ۾ واگهريجي شاخ جي آبادگارن جو نئون دمبالو آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهروLaar voice news neo dumbalo
رپورٽ پريم ڪمار راجپوت
نئون دمبالو ۾ نصير ڪئينال
مان نڪرندڙ واگهريجي شاخ جي آبادگارن حاجي حمزو جسڪاڻي ڪريم بخش جسڪاڻي اعجاز جسڪاڻي
جان محمد جسڪاڻي لطيف جسڪاڻي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو آھي ته نئون دمبالو
آبپاشي ڪينال ۽ ايس ڊي او اسان جو واٽر ڪورس ون اي آر جيڪو واگهريجي شاخ مان نڪري ٿو
جيڪو پڪو ٺھيل هو هاڻي ان کي نئون دمبالو آبپاشي عملي هيٺان جي آبادگارن سان ملي ڀڳت
ڪري ان کي مشينن زريعي کوٽائي 9 کان 10 فٽ جهڪو ۽ 16 کان 17 فٽ ويڪرو ڪيو آھي هن
واٽر تي اسان جي 350 سئو ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي پر هاڻي ٻارو به آباد نه ٿي سگهندو
هنن چيو ته اسان غريب آبادگار آھيون ھاڻي هن منهنگائي جي دور ۾ ڪٿان پئيسو آڻيون ۽
مشينو وٺي ٻني آباد ڪريون هنن چيو ته پهريان اسان وٽ ھڪ مشين هئي جنهن کي اسان سڀ
آبادگار فوڙي ڪري ٻني آباد ڪرائيندا هئاسين هاڻي ته واٽر کي ايترو جهڪو ڪيو ويو
آھي جو هڪ ايڪڙ واري کي به پنهنجي مشين وٺڻي پوندي ۽ ھن منهنگائي جي دور ۾ غريب
آبادگار ڪٿان آڻيون ٻه ٻه لک رپيا جو پنهجي پنهنجي مشين الگ سان وٺون ۽ وڌيڪ حاجي
حمزو جسڪاڻي ٻڌايو ته مون پنهنجي زاتي زمين مان هيٺان جي ڳوٺاڻن کي خرچ ڪري هن واٽر
تان موري ٺھرائي ڏني هئي ۽ ڳوٺاڻا بيماري سيماري ايمرجنسي ۾ ايندا ويندا هئا پر ان
موري کي به آبپاشي عملي ٽوڙي هزارين ماڻھن جو گس پڻ بند ڪري ڇڏيو آھي ھنن ايم پي
اي مير الله بخش ٽالپر ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي
گهر ڪئي آھي ته ان معاملي جو
0 Response to " نئون دمبالو ۾ واگهريجي شاخ جي آبادگارن جو نئون دمبالو آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهروLaar voice news neo dumbalo "
Post a Comment