-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ مختلف خبرون sukrand news raj kumar aodh

سڪرنڊ مختلف خبرون sukrand news raj kumar aodh

 سڪرنڊ باءِ پاس تي هزارين روپين جي ماليت جون سرڪاري ميڊيسن ... 



سڪرنڊ  رپورٽ راج ڪماراوڏ

 سڪرنڊ باءِ پاس تي هزارين روپين جي ماليت جون سرڪاري دوائون جن ۾ سوين شيشيون دوائن جون ۽ سوين پترا مختلف بيمارين جا آهن جن ۾ پين ڪلر ، طاقت ۽ ويم دوران ڪم ايندڙ توڙي ٻار روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون شامل آهن گس تان ايندڙ ويندڙ ماڻھن  دوائن جا ڍير ڏسي صحافين کي اطلاع ڪيو جن قومي شاھراھ تي پهچي دوائن جون وڊيوز ۽ تصويرون رڪارڊ ڪيون جنهن بعد تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ ڄاڻايل هنڌ تي پهچي دوائن جي چڪاس ڪرڻ بعد پنهنجي قبضي ۾ ڪري تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي رڪارڊ ۾ جمع ڪرايون ڊاڪٽر نصير ميمڻ ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته دوائن ۾ گهڻائي بهبود آبادي واري کاتي جون آهن جن جو مدو پڻ هلندڙ آهي جاچ ڪري رهيا آهيون ته دوائون ڪيئن ڦٽي ڪيون ويون آهن باقي هڪ ڳالھ ڪليئر آهي ته دوائون تعلقه اسپتال سڪرنڊ جون ناهن ڇاڪاڻ جو اسين خود ڪيترن سالن کان دوائن جي کوٽ سبب پريشان آهيون هن اهو به چيو ته ٻه سال اڳ به اهڙي قسم جي ڪاروائي ٿي هئي جنهن ۾ پڻ دوائون روڊن تي اڇلايون ويون هيون هي ٻيو واقعو آهي اسان پنهنجي بالا آفيسرن تائين صورتحال جا تفصيل پهچائي ڇڏيا آهن جيڪي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن


سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) 

ٽيهن ورهين جي نوجوان ناري نالي نازيه جيڪا ٻه هفته اڳ حيدرآباد مان اوچتو گهران نڪري گم ٿي وئي


هئي جنهنجي اڃا تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي نياڻيء جي ڀاءُ دانش علي سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نياڻي ذهني طور ڪمزو آهي پر ڳالهائي سگهي ٿي جيڪا اردو ٻوليءَ ۾ پنهنجي شهر ۽ ماءُ پيءُ جو نالو پڻ ٻڌائي سگهي ٿي هن چيو ته ڪو خدا جو ٻانهون هن نياڻي جي باري ۾ ڄاڻ رکندڙ هجي ته سندس مائٽن کي هن نمبر 03452822450 تي اطلاع ڪري يا پهچائيندو ته کيس خرچ پکي سان گڏ پنجويھ هزار روڪ انعام پڻ ڏنو ويندو صحافين سندس مائٽن کي پڪ ڏياري ته هُو ميڊيا ذريعي سندن نياڻي جي ڳولا لاءِ وڌ ۾ وڌ خبرون هلائي گمشدگي جي اطلاع کي جهر جهنگ تائين پهچائيندا.  


سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ)

سڪرنڊ ۾ تعلقه اسپتال جي وئڪسينٽرن جو 15 ڏينهن کان مسلسل احتجاج جاري.


سڪرنڊتعلقي اسپتال جي وئڪسينيٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي مين گيٽ آڏو خادم لاکو ـ شڪيل احمد مگسي ـ امام علي لاکو ـ مھراڻ دايو ـ غلام سرور جمالي عبدالرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته ٻين صوبن ۾ ويڪسينيٽرن کي 9 اسڪيل مليل آهي جڏهن ته سنڌ ۾ 6 اسڪيل مليل آهي. ويھ سال گذرڻ باوجود اسان کي ٽائيم اسڪيل نه ٿو ڏنو وڃي. ھنن مطالبو  ڪيو ته اسان کي 14گريڊ ڏنو وڃي وڃي ۽ 2005 کان وٺي ويڪسينيٽرن کي سينارٽي ڏني وڃي. اين ٽي ايس پاس نون ويڪسينيٽرن کي رھيل پگھارون ڏنيون وڃن. ھنن صحت کاتي حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن جيڪڏهن اسان جا مطالبا  تسليم نه ڪيا ويا ته اسان ھلندڙ  يارنھن بيمارين جي وئڪسين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪنداسون جيڪو احتجاج  مطالبن جي مڃڻ تائين جاري رھندو.

0 Response to "سڪرنڊ مختلف خبرون sukrand news raj kumar aodh "

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer