سڪرنڊ بحريه ٽائون جي آڙ ۾ سنڌي وسندين کي ختم ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ واري مبينه سازش خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران علي بخش ڪيريو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران...
سڪرنڊ بحريه ٽائون جي آڙ ۾ سنڌي وسندين کي ختم ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ واري مبينه سازش خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران علي بخش ڪيريو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران...
سڪرنڊ بحريه ٽائون جي آڙ ۾ سنڌي وسندين کي ختم ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ واري مبينه سازش خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران علي بخش ڪيريو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻڍل مگسي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻه الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون
جيڪي مختلف هنڌن تان ٿينديون سڪرنڊ جي مک چوراهي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي گڏ ٿي وڏي ميڙ جي صورت اختيار ڪري ويون جتي ملڪ رياض ۽ آصف علي زرداري خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ميڙن کي ايوب کوسو ، رفيق مگسي ، خان محمد گدارو .قلندر بخش ملاح پنهنجي الڳ الڳ خطاب ۾ چيو ته اسين سنڌي ڌرتي ڌڻي آهيون
ڪڏھن به ڌارين کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته زرداري سنڌي ماڻھن جي ووٽن تي چونڊجي مزا ماڻي اقتدار جي نشي ۾ اکين پور ٿي پيو آهي جنهن کي پنهنجي ماءُ ڌرتيءَ جو به احساس ناهي ان ڪري اسين چتاءُ ٿا ڏيون ته بحريه ٽائون منصوبو بنا دير ختم ڪري سنڌي ماڻھن جا تحفظات ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ حالتن جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي
0 Response to "سڪرنڊ بحريه ٽائون جي آڙ ۾ سنڌي وسندين کي ختم ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ واري مبينه سازش خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران علي بخش ڪيريو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران..."
Post a Comment