-->

Pop up

Ads display

بدين 20 مئي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ جي اهم گڏجاڻي

بدين 20 مئي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ جي اهم گڏجاڻي



  20 مئي تي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ جي زيرصدارت ضلع ڪائونسل ۾ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان، رينجرز ونگ ڪمانڊر 32 ونگ ڪرنل راجا شاهد، ايس ايس پي شبير احمد سيٺار، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ ريجنل اليڪشن ڪميشن ٺٽو علي اصغر سيال، ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن ۽ مانيٽرنگ آفيسر پي ايس 70 سائين بخش چنڙ ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ ۽ مانيٽرنگ آفيسر پي ايس 70 نعيم الرحمان جلباڻي سميت لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. 

صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته ميڊيا جو هميشا چونڊن ۾ اهم ڪردار رهيو آهي چنڊن کي شفاف بنائڻ ۾ ميڊيا هميشا اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي آهي. هن چيوته تڪ پي ايس 70 ۾ ووٽنگ واري ڏينهن عام موڪل هوندي هن ماڻهن کي پڻ اپيل ڪئي ته هو 20 مئي تي پنهنجن گهرن مان نڪري پولنگ اسٽينشنن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ ضرور اچن توهان جي ووٽن سان توهان جو مستقبل جڙيل آهي.

 هن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ۽ ووٽنگ جي ضابطا اخلاق متعلق ڳالهائيندي چيوته پولنگ اسٽيشن تي ووٽر کي موبائل فون هلائڻ جي اجازت نه هوندي. ايم پي اي ۽ ايم اين اي پڻ چونڊ عمل کان پري رهندا. ڪووڊ ايس او پي تي سختي سان عمل ڪيو ويندو ماسڪ کان بغير ووٽ ڏيڻ جي اجازت نه هوندي جيڪڏهن ووٽر وٽ ماسڪ نه آهي ته ان ووٽر کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ماسڪ ڏنو ويندو ته جيئن هو پنهجو ووٽ آساني سان ڏئي سگهي. گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر علي اصغر سيال چيوته پي ايس 70 جي ننڍي چونڊ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. 123 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن انهن مان 12 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس جڏهن ته 41 پولنگ اسٽيشن حساس قرار ڏنا ويا آهن. 12 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا پڻ لڳايا ويندا. 

 هن چيوته پي ايس 70 ۾ ٽوٽل 1 لک 66 هزار 9 سو 9 ووٽ داخل آهن جنهن مان 75 هزار 2 سو 22 ووٽ عوتن جا ۽ 91 هزار 6 سو 87 ووٽ مردن جا داخل آهن. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان چيوته چونڊ ۾ گهربل سموريون سهولتون مهيا ڪيون وينديون سمورين پولنگ اسٽيشنن تي بجلي پاڻي واشروم سميت سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي شبير احمد سيٺار چيوته 395 رينجرز جي جوانن سان گڏ 12 سو پوليس جا جوان پڻ چونڊ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندا جنهن ۾ 6 ايس ايس پي، 17 ڊي ايس پي، 20 انسپيڪٽر، 35 سب انسپيڪٽر ۽ 98 اي ايس آئي پڻ شامل آهن.


0 Response to "بدين 20 مئي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ جي اهم گڏجاڻي"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer