سڪرنڊ 23 مارچ جي سلسلي ۾ تعليمي سيمينار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا ، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش
سڪرنڊ 23 مارچ جي سلسلي ۾ تعليمي سيمينار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا ، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش
سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
سڪرنڊ ۾ تعليمي سيمينار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا ، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش ڪري حاِضرين کان خوب داد وصول ڪيو.ان موقعي تي فن آرٽ پينٽنگس ٺاهڻ جا مقابلا پڻ ٿي گذريا. صوفياڻي محفل سان گڏ موجوده ملڪي صورتحال تي سيمينار پڻ ٿي گذريو. سيمينار ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. سيمينار سڪرنڊ جي ATI ڪاليج هال ۾23 مارچ جي سلسلي ۾ NPCIH جي ميزباني هيٺ ٿي گذريو. سيمينار کي ڊاڪٽر غلام حيدر ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي نوجوان ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڊاڪٽر يوسف ڏاهري چيو ته حڪمران صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن. اي ٽي آئي ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف چنه چيو ته اسان جي ٻارڙن ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي اسان جي ملڪ جو روشن مستقبل ٻارڙن جي هٿن ۾ آهي. ڊاڪٽر عبدالله رند چيو ته هڪ سازش تحت اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن طرفان عوام کي پاڻ ويڙهايو وڃي ٿو. ڪڏهن چون ٿا ته عورت جي حڪمراني حرام آهي اڄ پنهنجي مقصد خاطر انهن سان گڏ ويٺل آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالله ، غلام رسول ڪيريو ، ياسين ڪيريو ، علي شير، طارق راڄپر، اسحاق چانڊيو، سڪرنڊ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ، مسعود عمراڻي قربان عمراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته صوفي راڳي پيرل پياسي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي ٻڌائي. ان موقعي تي شاگردن عديل ڪيريو ، ڪرن ، عبدالوحيد سومرو ۽ ٻين کي بهترين پينٽنگس ٺاهڻ تي ايوارڊ ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
0 Response to "سڪرنڊ 23 مارچ جي سلسلي ۾ تعليمي سيمينار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا ، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش"
Post a Comment