سڪرنڊ گڏيل اداري شهري اتحاد آرگنائيزيشن جي سال 2021 ۽2022 لاءِ ٿيندڙ چونڊون جون تياريون جاري
سڪرنڊ
وڪيلن ، واپارن ، صحافين ، ڪائونسلرن ۽ ٽريڊ يونين جي گڏيل اداري شهري اتحاد
آرگنائيزيشن جي سال 2021 ۽ 22 لاءِ ٿيندڙ چونڊون جون تياريون زور و شور سان جاري
آهن چونڊن ۾ ٻه پينل ڀٽائي پينل ۽ شهباز
پينل آمهون سامهون بيٺل آهن گذريل رات ان سلسلي ۾ مراد علي ملاح پاران شهباز پينل
کي آجياڻو ڏنو ويو ان موقعي تي شهري اتحاد جي اڳوڻي صدر قاضي جاويد سنائي ڳالهائيندي
چيو ته ماضيءَ ۾ شهري اتحاد سڪرنڊ جي مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ادارو رهيو آهي پر ڪجھ
وقت کان اداري ۾ ماٺار چانيل آهي جنهن تي بحث نٿا ڪيون باقي شهباز پينل مان اميد ڪري
سگهون ٿا ته هُو ڪامياب ٿي شهر جي اڳي جيان خدمت ڪندا هن چيو ته 23 مئي تي شهرين کي پنهنجي بهتر مفاد ۾ فيصلو ڪرڻو
پوندو ته جيئن سندن ڪاروباري توڙي شهري مسئلن
جي حل لاءِ سگهارو پينل ڪامياب ٿئي ان موقعي تي شهباز پينل جو صدارتي
اميدوار غلام قادر چانڊيو ، رضا محمد سيال ، جاويد سومرو ، علي رضا ماڃوٺو ۽ شفيع
محمدملاح سميت ڪيترائي ميمبر آجياڻي ۾ شريڪ هئا
0 Response to "سڪرنڊ گڏيل اداري شهري اتحاد آرگنائيزيشن جي سال 2021 ۽2022 لاءِ ٿيندڙ چونڊون جون تياريون جاري"
Post a Comment