گلاب لغاري ايريگيشن عملي پاران رستو بند ڳوھاري عورت اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت رهواسين جو لاش رکي احتجاج laar voice news ghulab lghari
گلاب لغاري ويجهو مراد واھ مان نڪرندڙ مراد مائينر شاخ تي ايريگيشن عملي پاران رستو بند ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ڳوهاري عورت 30 ورهين جي مسمات گلشن زال بلاول جو لاش شاخ تي رکي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو آھي ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ايريگيشن عملي شاخ مان کاٽي دوران نڪرندڙ مٽي رستي تي رکي ڳوٺ ٺارو دل
ڳوٺ اعظم دستي ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته صبح مسمات گلشن جي طبيت خراب ٿي رستو بند هئڻ سبب اسان اسپتال دير سان پهتاسين دير سان پهچڻ سبب عورت فوت ٿي آھي عورت جي پيٽ ۾ ست مهينن جو ٻار هو جيڪو به فوت ٿي ويو هنن جو چوڻ آھي ته اسان بار بار ايريگيشن عملي کي چيو پر هنن اهو چئي اسان کي موٽايو ويو ته کاٽي کان پوء مٽي رستي تان هٽائينداسين پر هاڻ عيد جو بهانو ڪري مشنري واپس ڪري ڇڏي ۽ رستي تان مٽي نه هٽائي. فقيرامين لاڙ وائس نيوز گلاب لغاري
0 Response to "گلاب لغاري ايريگيشن عملي پاران رستو بند ڳوھاري عورت اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت رهواسين جو لاش رکي احتجاج laar voice news ghulab lghari"
Post a Comment