سنڌي وسندين کي ڊاهڻ ۽ ڌرتي ڌڻين تي تشدد ڪرڻ خلاف نيشنل پريس مقصودورند اڳيان احتجاجي مظاهرو
مقصودورند (رپورٽ ظھورحسين رند) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪز سڏ تي مقصودورند ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ بحريا ٽائون پاران سنڌي وسندين کي ڊاهڻ ۽ ڌرتي ڌڻين تي تشدد ڪرڻ خلاف
نيشنل پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون جي فورسز پاران ڌرتي ڌڻين تي هلايل گوليو سنڌ جي دل تي هلائڻ برابر سمجهون ٿا غنڊه گردي ۽ دادگيري جي بنياد تي سنڌ جي وارثن جا اجها ڊاهڻ وارو عمل سنڌ جا غيرتمند بهادر برداشت نه ڪندا ملڪ رياض سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي هلا ڪئي
سنڌ جا پرامن ماڻهو ڀرپور جواب ڏين اسان حملا آور قوم نه آيو پر جيڪڏهن ڪو ڌاريو ڌرتي تي وار ڪري ته ڀرپور طريقي سان جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا ڪاله جيڪو عمل بحريا ٽائون جي فورسز ڪيو اهو قانون کان مٿاهون هو ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ اچن سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي ڪو فتح ٿيل علائقو ناهي جو ڪو ڌوتو ڏاڍ جي زور تي قبضو ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي ماروئڙن سان گڏ بيٺل آهي اسان پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکنداسين احتجاج ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ محمد نواز جتوئي,ڪامريڊ ولي محمد,حق نواز سنڌي,علي محمد برهماڻي,حماد الله,عطاءالله,جي ايم بلوچ,نجم علي جتوئي,سميت ٻين شرڪت ڪئي..
0 Response to "سنڌي وسندين کي ڊاهڻ ۽ ڌرتي ڌڻين تي تشدد ڪرڻ خلاف نيشنل پريس مقصودورند اڳيان احتجاجي مظاهرو"
Post a Comment