نئون دمبالو ۾ ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون زور و شور سان جاري
نئون دمبالو ۾ ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون زور و شور سان جاري
لاڙ وائس نيوز نئون دمبالو
نئون دمبالو ۾ ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون زور و شور سان جاري اميدوارن پنھنجا ورڪ جاري ڪري ڇڏيا اڄ نئون دمبالو ۾ جي يو آئي پاڪستان پاران پارٽي ڪانر ڪوٺايو ويو جنھن ۾ سنڌ جي جي يو آئي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو ته اسان ھميشه سنڌ جا آواز بڻيا آھيون
سنڌ جي ھر مسئلي تي اٿي بيٺا آھيون اسان عوام سان ھر ڏکي گھڙي ۾ گڏ بيٺل رھيا آھيون پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيترن ئي سالن کان غريب عوام جي حقن تي ڌاڙا ھڻي پئي ڪيترن ئي مسڪينن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي سنڌ جي نوجوانن جا حقن کاڌا آھن سنڌ حڪومت غريبن مستحقن لاء ڪجھ ناھي ڪيو ايترن سالن کان اقتدار ۾ ويٺل پ پ جا اڳواڻن بدين ضلعي لاء ڪجھ به ناھي ڪيو اسان کي ھاڻ سجاڳ ٿيڻو پوندو
اسان جي نوجوانن کي پنھنجي حقن جي حاصلات لاء اٿڻو پوندو پارٽي ڪارنر بعد راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته بحريا ٽائون سنڌ ۾ ھڪ ٻي ايسٽ انڊيا ڪمپني آھي بحريا ٽائون انتظاميه ڪيترن ئي سنڌي وسندين کي تباھ ڪري رھي آھي جيڪو ناقابل برداشت آھي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌين کي دربدر ڪيو پيو وڃي پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آھن ھن وڌيڪ چيو ته اگر بحريا ٽائون انتظاميه پنھنجي ضد نه ڇڏي ته اسان بحريا ٽائون جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪنداسين ۽ پنھنجي سنڌي ڀائرن کي انھن جا حق ڏيارينداسين
رپورٽ پريم ڪمار راجپوت
0 Response to "نئون دمبالو ۾ ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون زور و شور سان جاري"
Post a Comment