پاڪستاني سياست اهم موڙ تي پهتل علي ٿهيم هن وقت پاڪستاني سياست اهم موڙ تي پهتل نظر اچي رهي آهي
پاڪستاني سياست اهم موڙ تي پهتل
علي ٿهيم
هن وقت پاڪستاني سياست اهم موڙ تي پهتل نظر اچي رهي آهي , ملڪي سياست ۾ ڪنهن به وقت ڪجھ به ٿي سگهي ٿو , هن وقت ملڪي سياست جي جيڪا صورتحال نظر اچي رهي آهي ان مان ٻه امڪان ٿي سگهن ٿا
پهريون اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وزيراعظم عمران خان پاڻ ئي استعفا ڏيئي اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏي ٻيو امڪان اهو نظر پيو اچي ته هن حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻي گهر موڪليو وڃي
ٻنهي صورتن مان جيڪا به صورت ٺهي مونکي آصف علي زرداري واري سوچ ٻين سياستدانن کان ڪجھ بهتر نظر اچي رهي آهي , جڏهن پي ڊي ايم ٺهي هئي ته ان جو مين نقطو موجودا پي ٽي آئي حڪومت جو خاتمو هو ان کان پوء اليڪشن اصلاحات توڙي ٻيون ڳالهيون شامل هيون , پي ڊي ايم ۾ پ پ پ پاران حڪومت کي هٽائڻ لاء جمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جو چيو ويو هو
مطلب ته اسيمبلي مان بي اعتمادي واري رٿ آڻي حڪومت کي هٽائڻ جي تجويز ڏني ويئي هئي پر مسلم ليگ ن , جي يو آئي يا وري ڪجھ ٻيون پارٽيون لانگ مارچ ذريعي حڪومت هٽائڻ جون حامي هيون , پ پ پ واري سوچ ٻين جي مقابلي ۾ بهتر ان ڪري هئي جو ڪنهن به حڪومت کي ذبردستي هٽائڻ لانگ مارچن سان حڪومت هٽائڻ سان پي ٽي آئي پنهنجي بدترين ڪارڪردگي باوجود عوام وٽ مظلوم بڻجي ميدان ۾ وڃي ها
ميثاق جمهوريت ۾ به حڪومت هٽائڻ لاء بي اعتمادي رٿ جي استعمال جو معاهدو ٿيل آهي , مطلب اسيمبلي برقرار رهي حڪومت هٽائي سگهجي ٿي پر مسلم ليگ ن کي تمام گهڻي بي چيني هئي ته هي اسيمبليون اڄ ختم ٿين ته سڀاڻي ٻيو ڏينهن ٿئي , جيڪو يقينن جمهوريت لاء سٺو سئونڻ نه ٿئي ها , ان عمل سان پي ٽي آئي کي وڌيڪ فائدو ٿئي ها
پي ٽي آئي جيڪا پنهنجي عروج کان پوء زوال جي آخري تھ تائين پهتل آهي هو مظلوم بڻجڻ لاء تيار آهي جينئن سڀاڻي وري عوام وٽ وڃي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ته اسان ته گهڻو ڪجھ ڪرڻ پئي چاهيو پر اسان جي رستا روڪ ڪئي ويئي , پ پ پ جي ان سوچ کي پي ڊي ايم اندر مان نه ڏيڻ جي ڪري پ پ پ پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ويئي , پ پ پ جي الڳ ٿيندي ئي پاڪستان جي سياست ۾ شڪ شبها وڌي ويا , ته پ پ پ آخر پي ڊي ايم جي اتحاد مان ڪنهن جي چوڻ تي الڳ ٿي آهي , پ پ پ جي ان عمل سان حڪومت به ٽينشن ۾ نظر آئي , پي ڊي ايم ۾ ٽوٽ ڦوڙ سبب لانگ مارچ شروع نه ٿي سگهيو , جنهن سان حڪومتي ڌرين کي پريشاني وڪوڙي ويئي , حالانڪه حڪومت کي لانگ مارچ سان پريشاني ٿئي ها پر هي واحد حڪومت آهي جيڪا لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ جي ڪري پريشان آهي
اهو ان ڪري جو حڪومت کي پنهنجا پير ڍرا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن انهن ڍرن پيرن جي ڪري ڪنهن به وقت حڪمران استعفا ڏيئي يا اسيمبليون ٽوڙي قصو تمام ڪري گهر ڀيڙا ٿي سگهن ٿا , ان ڪري اڄ آصف علي زرداري وارو فارمولو ئي ڪاميابي وارو فارمولو لڳي رهيو آهي , نواز شريف , مريم نواز , مولانا فضل الرحمان ان فارمولي جا مخالف آهن اهي چاهين ٿا ته اڄ حڪومت وڃي سڀاڻي عام چونڊون ٿين ان ۾ ٽيون ڏينهن نه پوي , جڏهن ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز الڳ خيال جا آهن
اهي آصف علي زرداري واري فارمولي سان گڏ بيٺل آهن , شهباز شريف ته پ پ پ خلاف بيان بازي کي به روڪڻ جو چيو هو , چون ٿا ته موجودا حڪومت جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا آهن عيد کان پوء حڪومت جو وجود نظر نه پيو اچي , سينئر تجزياڪارن ته نئين امڪاني حڪومت جو فارمولو به ٻڌائي ڇڏيو آهي , ته ايندڙ وزيراعظم لاء شهباز شريف , راجا پرويز اشرف مان ڪو هڪ ٿي سگهي ٿو , چون ٿا ته چائنا جي خواهش آهي ته شهباز شريف کي ايندڙ وزيراعظم ٿيڻ گهرجي جينئن سي پيڪ جا منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجن , پر شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز وڏيون رڪاوٽون بڻيل آهن , بحرحال اهي ته پارٽين جا پنهنجا اندروني معامرا آهن ته پارٽين جون قيادتون ڇا ٿيون چاهين , ڪجھ حلقا ته ائين به چئي رهيا آهن ته عمران خان وزارت عظما کان الڳ ٿيڻ لاء تيار آهي سندس مبينا طور تي خواهش آهي ته اسد عمر کي وزيراعظم قبول ڪيو وڃي جينئن پي ٽي آئي جي حڪومت برقرار رهي ۽ عمران خان پاڻ پنهنجي حڪومت هوندي پي ٽي آئي جي نئين سر تنظيم سازي ڪري سگهي , هو سمجهي ٿو ته انهن حالتن ۾ اگر پي ٽي آئي سموري گيم مان آئوٽ ٿي ويئي ته پوء ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آئي ۽ ق ليگ ۾ ڪو فرق نه رهندو , اسلام آباد ۾ جيڪا سياسي چر پر محسوس ٿي رهي آهي ان مان ظاهر آهي ته ڪجھ وڏو ڪم ٿيڻ پيو وڃي اهو به تمام جلد ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن
شهباز شريف جنهن کي تازو آزادي نصيب ٿي آهي اهو نواز شريف سان ملڻ لاء لنڊن وڃڻ جي تيارين ۾ آهي , چيو پيو وڃي ته هن ٻاهر وڃڻ لاء درخواست به ڏني آهي جينئن سندس نالو اي سي ايل مان نڪري ۽ هو لنڊن وڃي سگهي , هو لنڊن وڃي هڪ ته ادارن تي هلڪو هٿ رکڻ لاء کيس سمجهائيندو ٻيو کيس سندس وزيراعظم ٿيڻ لاء به منٿ ڪندو مرڪز ۾ اگر راجا پرويز اشرف کي وزارت عظما ملي ته پنجاب شريفن حوالي ٿيندو اگر مرڪز شريفن حوالي ٿيو ته پ پ پ پنجاب ۾ پرويز الاهي کي وڏو وزير ڪرڻ جي حمايت ڪندي يا گهر ڪندي , پ پ پ جي خواهش آهي ته پنجاب ۾ ق ليگ ڪجھ وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون اچي ان سان ن ليگ کي پنجاب ۾ ڪجھ سياسي نقصان ٿي سگهي ٿو جيڪا ڳالھ سڌي يا اڻ سڌي طرح پ پ پ جي فائدي ۾ ويندي , ڇوته مستقبل ۾ پ پ پ پنجاب ۾ ڪو گرينڊ سياسي اليڪشني اتحاد جوڙڻ جي چڪر ۾ آهي , ان کان سواء پي ٽي آئي جي باغي ڌڙي کي جهانگير ترين سميت پ پ پ ۾ شامل ڪرڻ لاء به ڪوششن ۾ آهي , ان مقصد لاء سيد يوسف رضا گيلاني ذريعي ڪوششون ڪيون پيون وڃن
جهانگير ترين کي ن ليگ به ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي , يقينن جهانگير ترين اهوئي ڪندو جيڪو کيس مٿان کان حڪم ملندو , تازي سياسي صورتحال موجب وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت آهي , تمام سياسي ڌريون پنهنجي پنهنجي جاء ولارڻ لاء ڪوشش ۾ آهن , ملڪ جي سياسي پارٽين جي سربراهن کي به ان صورتحال جي خبر آهي ته عيد کان پوء پاڪستاني سياست ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن , ۽ ان مال غنيمت مان هر ڪوئي پنهنجو پنهنجو حصو کڻڻ لاء بي چين آهي , ڪالھ تائين ادارن تي تنقيد ڪرڻ وارا به قطارن ۾ بيهي ادارن ذريعي ڪجھ نه ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن , بحر حال پاڪستاني سياست هن وقت اهم موڙ تي پهتل آهي , ڪنهن به وقت ميري هم وطنو جهڙا لفظ ٻڌڻ ۾ اچي سگهجن ٿا ,
0 Response to "پاڪستاني سياست اهم موڙ تي پهتل علي ٿهيم هن وقت پاڪستاني سياست اهم موڙ تي پهتل نظر اچي رهي آهي"
Post a Comment