-->

Pop up

Ads display

پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪيريا برادري جي سردار عبدالستار ڪيريو سماجي ورڪر سانول ڪيريو پاران سندس مان ۾ رٿيل افطار و ڊنر جي موقعي تي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪيريا برادري جي سردار عبدالستار ڪيريو سماجي ورڪر سانول ڪيريو پاران سندس مان ۾ رٿيل افطار و ڊنر جي موقعي تي

 پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪيريا برادري جي سردار عبدالستار ڪيريو سماجي ورڪر سانول ڪيريو پاران سندس مان ۾ رٿيل افطار و ڊنر جي موقعي تي



سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) ملڪي تاريخ ان ڳالھ جي شاھد آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جڏھن به اقتدار ۾ آئي آهي تڏھن نوڪريون ڏيڻ ۽ ترقياتي ڪمن سميت روڊن رستن جو ڄار وڇائڻ سندس اولين ترجيح رهي آهي اها ڳالھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪيريا برادري جي سردار عبدالستار ڪيريو سماجي ورڪر سانول ڪيريو پاران سندس مان ۾ رٿيل افطار و ڊنر جي موقعي تي 


ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي هن چيو ته اقتدار ۾ ٻيون پارٽيون به رهيون آهن پر عوام جي ڀلائي جي ڀيٽ ۾ پ پ پ سرفهرست آهي اهوئي سبب آهي جو گذريل ڪيتري عرصي کان عوام پ پ پ کي ووٽ ڏئي اقتدار ڏياريندي اچي هن وڌيڪ چيو ته تبديلي سرڪار اها تبديلي آندي آهي جو اڳي عوام سک جو ساھ ۽ آرام جي ننڊ سمهندا هئا


 پر مهنگائي سڀب سندن ٻئي خوشيون موڪلائي ويون آهن عام ماڻھو ۽ ڏھاڙي تي ڪمائيندڙ مزدور ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي سردار عبدالستار ڪيريو اهو به چيو ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي خدارا احتياط ڪيو وئڪسين ڪرايو ۽ سرڪاري تدبيرن تي عمل ڪيو هي قدرتي آزمائش آهي


 دعا ڪيو ته پروردگار ڀلاري مهيني جي مهابي اها آفت دور ڪري هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2023 جي عام چونڊن ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جي سيٽن تي اميدوار لاءِ جيڪو پارٽي فيصلو ڪندي ان کي قبول ڪنداسين باقي جي پارٽي قيادت مونتي اعتماد ڪيو ته ان شاء الله بهتر خدمت ڪري ڏيکارينداسين هن وڌيڪ چيو ته پارٽيءَ سان وفاداري ۽ سچائي ۾ شايد مون جهڙو ڪو ٻيو هجي 


اسين توڙي جو وفاقي پارٽي سان لاڳاپيل آهيون سڀئي برادريون اسان لاءِ قابل عزت آهن پر ڪيريا برادرري کي اهو سڀ ڪجھ نه ملي سگهيو آهي جيڪو سندن حق آهي ڇاڪاڻ جو ڪيريا برادري وڏي ۾ وڏي ووٽ بينڪ رکندڙ برادري آهي پر سڀ ڪجھ سهندي به پ پ پ سان نڀائي رهيا آهيون ڏھ سال جلا وطني به پارٽي جي ڪري برداشت ڪئيسين اميد آهي ته پارٽي قيادت ايندڙ چونڊن ۾ اسيمبلين جي ٽڪيٽن سميت مختلف مسئلن تي ڪيريا برادري جي تحفظات تي غور ڪندي


 ان موقعي تي ڪيريا برادري جي معزز شخصيتن صاحب خان ڪيريو ، نواب خان ڪيريو ،  پيربخش ڪيريو . محمد پريل ڪيريو ۽ مختلف برادرين مان يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جي صدر قاضي جاويد سنائي  سميت صحافين ۽ سوشل ورڪرن شرڪت ڪئي جن رضا محمد سيال ، راجڪمار اوڏ ، غلام قادر چانڊيو ، نصرالله ملاح ، گل محمد لغاري ، ذيشان سومرو ، منصور لغاري ، ڪشمير ڪيريو ، قاسم خاصخيلي ، محمد بچل ڪيريو ۽ علي شير ڪيريو شامل هئا

0 Response to "پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪيريا برادري جي سردار عبدالستار ڪيريو سماجي ورڪر سانول ڪيريو پاران سندس مان ۾ رٿيل افطار و ڊنر جي موقعي تي"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer