-->

Pop up

Ads display

بدين طوفان جو خطرو  ضلع جي سڀني روڊن تان سائن بورڊ ھٽائڻ حڪم

بدين طوفان جو خطرو ضلع جي سڀني روڊن تان سائن بورڊ ھٽائڻ حڪم


بدين طوفان جو خطرو  ضلع جي سڀني روڊن تان سائن بورڊ ھٽائڻ حڪم 



تفصيل موجب موسميات کاتي پاران عربي سمنڊ ۾ 14 مئي کان 22 مئي تائين تيز برساتن ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي آهي جنھن کان پوءِ ساحلي پٽي تي رھندڙ ماڻهن ۽ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ويندڙ مھاڻن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي ۽ 1999 وارو  طوفان به ساڳئي تاريخ تي مئي مھيني ۾ آيو هو جنهن ۾ سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا ھئا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ھئا جنهن ڪري موسميات کاتي جي ٻيھر وارننگ بعد ساحلي پٽي جي ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي مجبور آھن ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر شاهنواز خان پڻ ساحلي پٽي جو دورو ڪرڻ لاءِ پھچي جائزو ورتو ٻئي پاسي ضلع انتظاميه پاران ايمرجنسي جي اعلان بعد بدين ھاء ويز پراونشل جي ايڪسئين اعجاز احمد جوڻيجو پنھجي سڄي عملي کي حڪم جاري ڪندي فوري طور روڊن رستن تان سائن بورڊ ھٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي ،

0 Response to "بدين طوفان جو خطرو ضلع جي سڀني روڊن تان سائن بورڊ ھٽائڻ حڪم"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer