نئون دمبالو ۾ آبادگارن جو ھٿرادو پاڻي کوٽ خلاف نئون دمبالو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو
Saturday, May 15, 2021
Comment
مظاھرين وزير جروار حيدر جروار شبير جروار جو چوڻ آھي ته علي آباد شاخ تي مسلسل پنج مھينن کان اسان وٽ پاڻي ناھي جنھن سبب اسان جو فصل تباھ ٿي رھيو اسان جو مال مري رھيو آھي اسان وٽ پيئڻ لاء پاڻي ناھي پر ايريگيشن عملو ننڊ ستل آھي اسان اپيل ٿا ڪيون اي سي آبپاشي ۽ انجنئير آبپاشي کان ته نوٽيس وٺي اسان کي پاڻي ڏئي اسان سان انصاف ڏنو وڃي
ٻئي پاسي ايس ڊي او اريگيشن ذوالفقار لاشاري جو چوڻ آھي ته علي آباد شاخ تي ھن وقت ست ڊيسي مل پاڻي ھلي رھيو آھي جڏھن ته مڪمل ماپ 9 ڊيسي مل آھي پاڻي جي کوٽ ھئڻ باوجود اسان ٽيل جي آبادگارن کي صحيح پاڻي ڏئي
رھيا آھيون
رپورٽ پريم ڪمار راجپوت
0 Response to "نئون دمبالو ۾ آبادگارن جو ھٿرادو پاڻي کوٽ خلاف نئون دمبالو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو"
Post a Comment