سامونڊي طوفان جو خطرو بدين انتظاميه ھائي الرٽ ڊپٽي ڪمشنر بدين جو سامونڊي پٽي جو دورو
سامونڊي طوفان جو خطرو بدين انتظاميه ھائي الرٽ
ڊپٽي ڪمشنر بدين جو سامونڊي پٽي جو دورو
رپورٽ:-جميل ڀرڳڙي ماتلي
سامونڊي طوفان جو خطرو بدين انتظاميه ھائي الرٽ
گولاڙچي بحيره عرب ۾ سامونڊي طوفان جي خطري سبب ڊپٽي ڪمشنر بدين جو سامونڊي پٽي جو دورو
تفصيل مطابق ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان بحيره عرب ۾ سامونڊي طوفان جي خطري سبب سامونڊي پٽي جو دورو سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ ملاحن کي طوفان جي خطري سبب سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي ھدايت ڪئي
محڪمه موسميات پاران بحيره عرب ۾ 14 مئي کان ٺھندڙ سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي سبب ضلعي بدين جي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شھيد فاضل راھو گولاڙچي ڪاشف رضا منگي سان ڳڏ سامونڊي پٽي جي مختلف ڳوٺن احمد راڄو ، ميھار داندل سميت زيرو پوائنٽ تي ملاحن جي بستي جو دورو ڪيو ھن موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ساحلي پٽي تي مڇي جو شڪار ڪندڙ ملاحن کي ھدايت ڪئي ته 14 مئي 2021 کان شڪار لا سمنڊ ۾ نه وڃڻ ۽ جيڪي ملاح مڇي جي شڪار لا ويل آھن ھنن کي ھدايت ڪئي ته طوفان جي خطري سبب واپس اچي وڃن ۽ پھنجي ٻيڙيون محفوظ مقام تي منتقل ڪري ڇڏن ۽ محفوظ ھند رهائش اختيار ڪن
ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان اسسٽنٽ ڪمشنر شھيدفاضل راھو گولاڙچي رضا منگي کي حڪم ڏنو ته ڪنھن به ھنگامي صورتحال منھن ڏيڻ لا انتظامات مڪمل ڪيا وڃن .
0 Response to "سامونڊي طوفان جو خطرو بدين انتظاميه ھائي الرٽ ڊپٽي ڪمشنر بدين جو سامونڊي پٽي جو دورو"
Post a Comment