-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ پرائيم ميڊيا هائوس پاران عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ سنڌي اردو مشاعرو

سڪرنڊ پرائيم ميڊيا هائوس پاران عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ سنڌي اردو مشاعرو

 

سڪرنڊ پرائيم ميڊيا هائوس پاران عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ سنڌي اردو مشاعرو
سڪرنڊ پرائيم ميڊيا هائوس پاران عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ سنڌي اردو مشاعرو


بنام چند گهڙيون چاھ واريون

 

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ)

 پرائيم ميڊيا هائوس پاران عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ ساليانو سنڌي اردو مشاعرو ” بنام چند گهڙيون چاھ واريون “  جو اهتمام اسٽار اينڊ سپر اسٽار ڪيبل نيٽ ورڪ جي سهڪار سان پرائيم هائوس تي ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترن ئي شاعرن چونڊ شاعري پيش ڪري داد وصول ڪيو جڏھن ته ان کان اڳ حافظ طفيل جمالي مخصوص انداز ۾ تلاوت ڪلام پاڪ قرآت سان ۽ معروف نعت خوان الطاف ڀٽي حضور سرور ڪائنات صليٰ الله عليه وسلم جن جي شان ۾ ثنا خواني ڪري محفل کي جهومايو شاعرن ۾ جن شاعري پيش ڪئي انهن ۾ جهانگير ڏاهري ، ڪنور راشد مڪرم ، قلندر بخش ملاح . قاسم خاصخيلي ، منير ڪمال اختر ڀٽي، معشوق سولنگي ۽ ٻيا شامل هئا جڏھن ٿه مشاعري جا مهمان خاص انجم نقوي ۽ ارشاد علي ارشاد جن هئا مشاعري ۾ شاعرن کانسواءِ شهر جي معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر قاضي جاويد سنائي ، سي ڊي ايف جو چيئرمين عبدالحميد آرائين ، نيشنل پريس ڪلب جو صدر غلام قادر چانڊيو ، شهباز پينل جو جاويد سومرو ، هيومن رائيٽس جو محمود مصطفيٰ مگسي ، سينئر صحافي رضا محمد سيال ،راج ڪماراوڏ قادر بخش رند ، واحد بخش عمراڻي ، مور چانڊيو، نورالدين ڪيريو ، اڪبر ملاح سميت ٻيون شخصيتون شامل هيون پروگرام دوران مشاعري جا ميزبان شبير احمد راجپوت ۽ اعظم راول آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندا رهيا

0 Response to "سڪرنڊ پرائيم ميڊيا هائوس پاران عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ سنڌي اردو مشاعرو"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer