-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي جي گرفتاري خلاف سندس نوجوان فرزند سليم جمالي ۽ ڀاءُ مجاهد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي جي گرفتاري خلاف سندس نوجوان فرزند سليم جمالي ۽ ڀاءُ مجاهد جمالي ڳوٺ ڪنب ليمان ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي پ پ پ جي اڳواڻ علي حسن زرداري اسان سان سياسي انتقام طور ڪاروايون ڪري رهيو آهي سندس خواهش آهي ته جمالي برادري فنڪشنل کي ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿين پر اهو ناممڪن آهي ڇاڪاڻ جو اسين پير سائين پاڳاري جا حر ۽ مريد آهيون اسان سر ڏيڻ سکيو آهي ضمير وڪڻڻ اسان جي خمير ۾ ناهي مجاهد جمالي اهو به ٻڌايو ته پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري اسان جي زمينن آڏو شاھ مردان شاھ چوڪ تي پ پ جو پينافليڪس هڻائي رهيو هو جيڪو لڳائڻ تان منع ڪرڻ تي اسان خلاف ڪاروايون ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن جي مذمت ڪندي چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏھن فقير محب جمالي آزاد ڪري انتقامي ڪارويون بند نه ڪيون ويون ته وزير اعليٰ هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو ۽ حر جماعت پاران پوري سنڌ جي پريس ڪلبن تي احتجاج ڪيا ويندا پريس ڪانفرنس دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو ضلعي صدر فلڪ شير اوڏ ۽ سنڌ سجاڳ فورم جو چيئرمين مجيد عباسي پڻ يڪجهتي طور موجود هئا

0 Response to "سڪرنڊ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي جي گرفتاري خلاف سندس نوجوان فرزند سليم جمالي ۽ ڀاءُ مجاهد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer