راھوڪي جي رھواسڻ ايوان صحافت بدين ۾ صحافين اڳيان علائقي جي بااثر زميندارن ۽ ڪڙيو گهنور پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو
راھوڪي جي رھواسڻ ايوان صحافت بدين ۾ صحافين اڳيان علائقي جي بااثر زميندارن ۽ ڪڙيو گهنور پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو
بدين رپورٽر تعلقي گولاڙچي جي چڪ نمبر 12 لڳ راھوڪي جي رھواسڻ پيرسن عورت رضيه زال الھڏنو ڀٽي ايوان صحافت بدين ۾ صحافين اڳيان علائقي جي بااثر زميندارن ۽ ڪڙيو گهنور پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسين پنهنجي رھائش واري جائي تي سرڪاري پڊ تي قديمي ويٺل آهيون جتي پيرن جي سروي زمين پنهنجي خرچ تي آباد ڪري پنهنجو حصو کڻي ٻچڙن جو گذر سفر ڪندا رھيا ھئا سين پر پيرن پاران اھا زمين اقبال نظاماڻي. دائود نظاماڻي. سڄڻ نظاماڻي. کي وڪرو ڪرڻ کانپوءِ انهن پڻ اسان کي زمين جو سنڀالو ڏنو ھو جنهن تي اسان پنهنجا مال وڪڻي سارين جو فصل پوکيو ھو پر مذڪوره زميندار پيدا ٿيل ست سئو مڻ ساريون پاڻ کڻائي ويا اسان کي نه خرچ نه ئي وري ھاريپ وارو حصو ڏنو ويو جڏهن ته اسان پاران پنهنجو حق گهرڻ تي مڇرجي ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو جنھن سبب ھڪ معصوم ٻارڙو حراس ۾ فوت ٿي ويو ۽ منهنجي ننھن جيڪا حمل سان ھئي جنهن جو حمل پڻ ضايع ٿي ويو اھڙي رپورٽ ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين پر ڪڙيوگهنور پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ بجائي الٽو اسان تي ڪيس داخل ڪري بااثر زميندارن جي ونگار وھندي ڳري رشوت عيوض پوليس پاران منهنجي نوجوان پٽ رياض ڀٽي کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪڙيو گهنور پوليس جي اٽالي اسان جي مخالفن اقبال نظاماڻي يوسف ڀٽي. ذوالفقار. رمضان اصغر ڀٽي ۽ ٻين سان گڏجي ڳوٺ تي حملو ڪري گهر ۽ اوطاقون ڊاھي اسان جا پوکيل فصل ڊالڊا ڀيلائي لکين روپين جو نقصان ڪيو ويو آهي ۽ پڻ اسان کي گهر خالي ڪري وڃڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنهن سبب ڪنهن به وقت اسان جي ٻچڙن جون جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون ھن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور کي ھڪدم ھٽائي ۽ اسان کي بااثر ماڻهن کان تحفظ ڏياريو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين پنھنجي ٻارن سميت ايس ايس پي بدين افيس آڏو ڌرڻو ھڻنداسين
0 Response to "راھوڪي جي رھواسڻ ايوان صحافت بدين ۾ صحافين اڳيان علائقي جي بااثر زميندارن ۽ ڪڙيو گهنور پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو"
Post a Comment