PML-N Lost NA-249 By Election 2021/Saeed Ghani press conference صوبائي وزير سعيد غني بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو
صوبائي وزير سعيد غني بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو
ڪراچي (رپورٽ۔راج ڪماراوڏ)
صوبائي وزير سعيد غني بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ن ليگ کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هو اين اي 249 تي ننڍي چونڊ هارائي چڪي آهي هارائڻ کان پوءِ ن ليگ قيادت ننڍي چونڊ جي آڙ ۾ الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن سندس جو چوڻ هو ته اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جو مقابلو نه مسلم ليگ ن سان نه پر اسان جو اصل مقابلو پابندي مڙهيل مذهبي پارٽي ٽي ايل پي سان هو۔ صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اسان وٽ اين اي 249 جي 276 پولنگ اسٽيشنن جا سمورا 45 فارم موجود آهن، جنهن مطابق پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل ڪامياب آهي۔ سندس جو چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي الزام هنيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي۔ مان ان کان پڇڻ چاهيان ٿو ته اگر ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي ٿي آهي ته انهن پولنگ اسٽيشنز جا نالا ٻڌايا وڃن۔ سندس جوڌيڪ چوڻ هو ته شاهد خاقان الزام هنيو ته سليڪٽرز اسان کي کٽرايو آهي، آصف زرداري ۽ فريال کي ضمانت ملي ته ڊيل آهي، شهباز ۽ حمزه کي ضمانت ملي ته جمهوري فتح آهي، هن چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي ايل ۾ هو، اي سي ايل مان نالو ڪنهن جي چوڻ تي ڪڍيو ويو، شاهد خاقان ٻڌائي ته هو ڪنهن جي چوڻ تي ٻاهر ويو هو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي شاهد خاقان نواز شريف سان ملاقات ڪئي هئي، هن چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته نواز شريف سان ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون ۽ ن ليگ عمران خان ۽ عثمان بزدار کي هٽائڻ ئي نٿي چاهي۔ سندس جو چوڻ هو ته فافن جي رپورٽ مون غور سان پڙهي آهي ان ۾ اهو ظاهر ناهي ٿيل ته تڪ تي ڪا ڌانڌلي ٿي۔ بلديا ٽائون ٽائون ۾ مون ڪو به راشن تقسيم نه ڪيو آهي۔ سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته خاقان عباسي ٻئي ڪنهن سان پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪري۔ مسلم ليگ ن اليڪشن ۾ پنهنجي مڪمل تياري نه ڪئي هئي هو صرف ميڊيا رپورٽس جو سهارو وٺي رهيا هئا ته اسان بلديا ٽائون ۾ کٽي وينداسين۔ سندس جو چوڻ هو ته اگر ٻيهر ڳڻپ ٿي يا ري پولنگ ٿي ته پوء به پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي۔ 2018 اليڪشن ۾ اگر شهباز شريف کي شڪست ملڻ کانپوء انهي پنهنجي تڪ جي عوام جي ڪا به سار نه لڌي۔ جنهن سبب عوام 29 اپريل تي فيصلو ڏئي ڇڏيو۔ صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جي سبب سنڌ سرڪار اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاء اليڪشن ڪميشن کي خط به لکيو پر مفتاح اسماعيل الزام هڻندي چيو ته پ پ شڪست ڏسي اليڪشن نٿي ڪرائڻ چاهي۔ اڳوڻي گورنر محمدزبير سان به اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي حوالي منهنجي ڳالھ ٻولھ ٿي هئي پر هنن اسان جي ڳالھ کي نه مڃيو ۽ اسان سان مقابلي لاء تيار ٿي ويا جنهن کي بري طرح شڪست ملي۔ سندس جو چوڻ هو ته اليڪشن کان اڳ اين اي 249 جي تڪ جون مختلف سياسي پارٽين پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي۔ ايندڙ عام اليڪشن توڙي بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي۔ پريس ڪانفرنس ۾ وقار مهدي۔ لياقت آسڪاني۔ پ پ جو ڪامياب اميدوار قادر مندو خيل پڻ موجود هئا
PML-N Lost NA-249 By Election 2021/Saeed Ghani press conference
صوبائي وزير سعيد غني بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس
0 Response to "PML-N Lost NA-249 By Election 2021/Saeed Ghani press conference صوبائي وزير سعيد غني بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو "
Post a Comment