ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي حوالي سان تحريڪ لبيڪ جي اميدوار طرفان اليڪشن ورڪ تيز
رپورٽ:-جميل
ڀرڳڙي ماتلي
ماتلي
جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي حوالي سان تحريڪ لبيڪ جي اميدوار
پيرمحمد علي سرهندي طرفان اليڪشن ورڪ تيز ڪري ڇڏيا شھر ۾
پيدل ،موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن تي وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن بعد شاه لطيف پريس ڪلب ماتلي ۾ پريس ڪانفرنس
ڪندي سنڌ جي اڳواڻ صوفي محمد يحيٰ چيو تہ ماتلي واسي تحريڪ لبيڪ جي اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائن
جڏھن تہ اميدوار پير محمد علي سرهندي چيو تہ ماتلي تڪ جي عوام سدائين پ پ حڪمرانن
کي ووٽ ڏنو آهي جنهن سبب هتي جو عوام سمورين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھن صحت
تعليم روڊن رستن سميت ڪا بہ گهربل سهولت ميسر ناهي هن چيو تہ هن ڀيري ووٽ مونکي ڏئي ڪامياب ڪرايو ته جيئن
اوهانکي سموريون سهولتون ڏئي سگهان عوام کي پرزور اپيل ڪندي وڌيڪ چيو ته 20 مئي تي
انتخاني نشاني ڪرين مشين تي ٺپو هڻي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي حقيقي اميدوار کي ڪامياب
ڪرايو.
0 Response to "ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي حوالي سان تحريڪ لبيڪ جي اميدوار طرفان اليڪشن ورڪ تيز"
Post a Comment