مزدورن جو عالمي ڏينھن ۽ پاڪستان ۾ رھندڙ ڏھاڙي دار طبقو lebour day in Pakistan
مزدورن جو عالمي ڏينھن ۽ پاڪستان ۾ رھندڙ ڏھاڙي دار طبقو lebour day in Pakistan
تحرير گلاب خاصخيلي
پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پھرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينھن ملھايو وڃي ٿو،مگر پاڪستان ۾ رھندڙ سمورا مزدور اُن ڏينھن تي مزدوري ڪرڻ ويندا آھن ھتي جي ڪنھن ھڪ مزدور کي بہ اھا خبر نہ ھوندي تہ اسان جو بہ ڪو عالمي ڏينھن آھي يا اھڙي ڪنھن ڏينھن تي اسان جي حقن جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي!پاڪستان ۾ ھي ڏينھن مزدور تہ نٿا ملھائن ھا باقي ھن ڏينھن کي مزدورن جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ وارا ادارا ضرور ملھائن ٿا.جنھن ۾ خاص طور تي اين جي اوز ۽ ٻيا کوڙ سارا ادارا جيڪي ھنن جي نالي تي ملندڙ ايڊ يا فنڊ وٺن ٿا اھي ھن ڏينھن کي ضرور ملھائن ٿا. ڇو جو ھو صرف ھڪ ڏينھن جي واويلا ڪري سڄو سال ويھي کائيندا آھن،باقي مزدور طبقو ان ڏينھن کان بيخبر ٿي مزدوري ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو آھي.ھاڻ جيڪڏھن ڳالھ ڪجي سنڌ جي تہ سنڌ ۾ رھندڙ ڏھاڙي دار طبقي جي صورتحال انتھائي خراب آھي،جنھن جا ڪيترائي ڪارڻ آھن سڀ کان وڏو ڪارڻ اھو آھي تہ ھتي مزدوري پوري نٿي ڏني وڃي ھڪ مزدور سڄو ڏينھن اس ۾ ڌنڌو ڪري ٿو ۽ شام جو ان کي اجورو پورو نٿو ڏنو وڃي ٻيو ڪارڻ اھو تہ مزدوري جو نہ ملڻ,سنڌ ۾ اڪثر ھڪ مزدور کي مھيني ۾ پندرھن ڏينھن ڪم ملندو آھي بقايا ڏينھن ھو ڪم ڳولھيندي گذرندا آھن ۽ ٽيون سڀ کان اھم ڪارڻ اھو آھي تہ حڪومت پاران مھانگائي کي چوٽ تي چاڙھڻ,مٿان وري ڪرونا وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جو لڳڻ ويتر غريبن جي لاءٍ ٻرندي تي تيل ھارڻ جي برابر آھي.ھڪ مزدور جنھن جي ڏھاڙي بمشڪل 500 سئو رپيا آھي اھو مھانگائي جي دور ۾ ٻچن کي ٻہ ويلا ماني وڏي مشڪل ِسان کارائي سگھي ٿو جيڪڏھن ھڪ ٻہ ڏينھن مزدوري نٿي ملي تہ سندس ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پوندا آھن
.ھاڻ اچون ٿا حڪومت طرف تہ ڇا پاڪستان جي حڪومت اھڙي طبقي جي ماڻھن لاءٍ ڪي جوڳا اپاءٌ ورتا آھن يا نہ؟ حڪومت طرفان ورتل اپائن جي ڳالھ ڪبي ڪوبہ اھڙو ڪم واضع نظر نٿو اچي جنھن سان ھنن غريبن جا ڏک سور گھٽجي سگھن.حڪومت کي کپي تہ روزگار جا اھڙا موقعا پيش ڪري جنھن سان غريبن جون تڪليفون گھٽجي سگھن ۽ ھو پنھنجي ٻچن کي عزت سان پيٽ ڀري ماني کارائي سگھن ....
0 Response to "مزدورن جو عالمي ڏينھن ۽ پاڪستان ۾ رھندڙ ڏھاڙي دار طبقو lebour day in Pakistan"
Post a Comment