-->

Pop up

Ads display

1988ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ ڪلاس فيلوزپاران فائونڊيشن سڪرنڊ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي وئي

1988ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ ڪلاس فيلوزپاران فائونڊيشن سڪرنڊ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي وئي

 


رپورٽ راج ڪمار اوڏ سڪرنڊ 

گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سڪرنڊ مان  1988ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ ڪلاس فيلوز جو
 هڪ هنگامي اجلاس شهيد ارسلان ميڊيڪل سينٽر ۾ منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ نادر علي جمالي ، علي شير انڙ ، زاهد رشيد خانزاده ،عاشق حسين پٺاڻ ، عارف خانزاده ، شاه محمد ڪيريو ، قاضي نعيم انصاري ، غلام قادر ملاح ، جان محمد ڪيريو ، قادر بخش ڀٽي ، سڪندر علي ڪيريو ، گل محمد لاکو سڪندر علي ڏاهري ، گل حسن ڀنڀرو ، شمس الدين چانڊيو ، رجب الدين چانڊيو ، عرض محمد چانڊيو ۽ قاضي پرويز ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي . اجلاس ۾ سمورن ڪلاس فيلوز جي متفقه صلاح ۽ مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته 88 مئٽرڪ ڪلاس بيج جي نالي سان هڪ فلاحي تنظيم جو بنياد رکيو وڃي . جنهن کانپوءِ متفقه طور تي 88 بيج فرينڊس فائونڊيشن سڪرنڊ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي وئي ، جنهن جو سرپرست اعلٰى ائڊووڪيٽ نادر علي جمالي کي منتخب ڪيو ويو ، جڏھن ته چيئرمين علي شير انڙ ، وائيس چيئرمين نذر حسين گهمڻ ، جنرل سيڪريٽري عارف خانزاده ، جوائنٽ سيڪريٽري حافظ قادر بخش ڀٽي ، خزانچي عاشق حسين پٺاڻ ،  پريس سيڪريٽري زاهد رشيد خانزاده ، انفارميشن سيڪريٽري قاضي نعيم انصاري ، آفيس سيڪريٽري غلام قادر ملاح ۽ ان کانسواءِ چار رڪني ورڪنگ ڪميٽي پڻ چونڊي وئي . جنهن ۾ شاهد حسين ميمڻ ، شاه محمد ڪيريو ، سکندر ڈاہری ۽ الله بخش رند شامل آهن

0 Response to "1988ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ ڪلاس فيلوزپاران فائونڊيشن سڪرنڊ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي وئي"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer