پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن جو راء طاهر کي آئي جي بلوچستان مقرر ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
رپورٽ ظھور حسين رند
پ پ شھيد ڀٽو يوسي لنڊو جي اڳواڻن جو راء طاهر کي آئي جي بلوچستان مقرر ڪرڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند اڳيان احتجاجي مظاهرو خبر موجب پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن زوار ڏاڙھون خان رند ۔علي گل رند غلام نبي جعفري۔ عبدالجبار رند ۽ ٻين جو راءِ طاهر کي آ ئي جي بلوچستان مقرر ڪرڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ سخت نعري بازي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته راء طاهر سِنڌ ڌرتيءَ جي بهادر پُٽ مير مرتضيٰ ڀُٽو جي قتل جو جوابدار آهي. 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جو جَنهن وقت مير صاحب کي ڪراچيءَ ۾ 70 ڪلفٽن واري روڊ تي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو هو، ۽ پوءِ مير صاحب اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو. اُن وقت راءِ طاهر اي ايس پي ڪلفٽن هو. هنن الزام هنيو ته مير صاحب کي سڌيون گوليون هڻڻ وارو شخص اُهو ئي هو، جَنهن جو نالو راءِ طاهر آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين مُلڪ ڇڏي ڀَڄي ويو هو، ۽ پوءِ موٽي آيو ته وري کيس عُهدن سان نوازيو ويو.
بَدنام زمانه ساهيوال سانحي وقت راءِ طاهر آءِ جي سي ٽي ڊي هو، جِتان اُن واقعي سَبب کيس هٽايو ويو، ۽ هاڻي راءِ طاهر کي آءِ جي پوليس بلوچستان مُقرر ڪيو ويو آهي، جَنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ته ڪيون ته راء طاهر کي فوري عهدي تان هٽايو وڃي ڇو ته هن جا هٿ شھيد مير مرتظا ڀٽو جي قتل ۾ رنگيل آھن جي ڪڏهن هن کي عهدي تان نه هٽايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
0 Response to "پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن جو راء طاهر کي آئي جي بلوچستان مقرر ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو"
Post a Comment