-->

Pop up

Ads display

ماتلي پي ايس 70 تي ضمني چونڊ جون تياريون مڪمل پوليس اسٽيشن ماتلي ۾ ڪنٽرول روم قائم Matli ps 70 election update

ماتلي پي ايس 70 تي ضمني چونڊ جون تياريون مڪمل پوليس اسٽيشن ماتلي ۾ ڪنٽرول روم قائم Matli ps 70 election update

 

ماتلي پي ايس 70 تي ضمني چونڊ جون تياريون مڪمل پوليس اسٽيشن ماتلي ۾ ڪنٽرول روم قائم Matli ps 70 election update

رپورٽ:-جميل ڀرڳڙي ماتلي

ماتلي جي تڪ پي ايس 70 تي ضمني چونڊ جون تياريون مڪمل ننڍي چونڊ ۾ ڪل 6 اميدوارن حصو ورتو جي ڊي اي جو اميدوار شاھد ورڪ جمعيت علماء اسلام جي اميدوار گل حسن زئنور جي حق ۾ هٿ کڻي ويو هاڻ سخت مقابلو  پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ڏاڏا محمد هاليپوٽو ۽ جمعيت علماء اسلام جي اميدوار مولانا گل حسن زئنور وچ ۾ ٿيندو ٻين اميدوارن مجلس وحدت المسلمين جو اسد لغاري، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو  محمد علي جان سرهندي سميت 4 اميدوار ننڍي چونڊ ۾ مقابلو ڪرڻ لاء ميدان تي لٿل آهن تعلقي اندر 123 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن جنهن مان 12 کي انتهائي حساس جڏهن ته 41 پولنگن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي تڪ پي ايس 70 ۾ مرد ووٽر جو تعداد 91 هزار پنج سئو 87، عورت ووٽر جو تعداد 75 هزار 2 سئو 22 جڏهن ته ٽوٽل ووٽرن جو تعداد هڪ لک 66 هزار 8 سئو 9 آهي ڪل 123 پولنگ اسٽيشن اندر 423 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جتي ووٽر پنهنجو ووٽ جو حق ادا ڪندا سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا اليڪشن دوران 6ايس ايس پي ۽ 17 ڊي ايس پي 25 پوليس انسپيڪٽر ۽ رينجرز جا 395 اهلڪارن سميت پوليس جا ڪل 12 سئو جوان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا اليڪشن ڪميشن طرفان بيلٽ پيپر، باڪس ۽ مقرر ٻيو عملو  سامان کڻي پولنگ اسٽيشن ڏانهن روانو سمورا انتظامي معاملا سنڀالڻ لاء پوليس اسٽيشن ماتلي ۾ پڻ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آھي ياد رهئي ته پ پ ايم پي اي بشير احمد هاليپوٽو جي فوت ٿيڻ بعد خالي ٿيل صوبائي سيٽ  تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آھي..

0 Response to "ماتلي پي ايس 70 تي ضمني چونڊ جون تياريون مڪمل پوليس اسٽيشن ماتلي ۾ ڪنٽرول روم قائم Matli ps 70 election update "

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer