-->

Pop up

Ads display

عورتن کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت نواب شاھه ۾ بختاورڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم

عورتن کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت نواب شاھه ۾ بختاورڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم

 عورتن کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت نواب شاھه ۾ بختاورڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم 



سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)

وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته عورتن کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سابق صدر ۽ پارٽي ڪو چئيرمين آصف علي زرداري جي ويزن تحت نواب شاھه ۾ پاڪستان جو پهريون بختاورڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان ائيرفورس جي انتظام هيٺ علائقي سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن کان ايندڙ نياڻين کي اعلى معيار جي تعليم سان گڏ سندن ڪردار سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيوآهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جو باقائده افتتاح ڪرڻ کانپوءِ منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو وزير اعلى سنڌ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران نياڻين جي تعليم لاءِ قائم هن اداري کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو ته جئين اڄ جون نوجوان نياڻيون مستقبل جون قابل مائرون ٿي ملڪ ۽ قوم کي اڏڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪرادر ادا ڪري سگهن هن وڌيڪ چيو ته بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سمارٽ ڪلاس رومن سان گڏ بهترين راندين جا ميدان ۽ ٻيون سڀ سهولتون موجود آهن جيڪي هن اداري کي مثالي بڻائين ٿيون هن وڌيڪ چيوته سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي تعليمي ادارن جي قيام سان گڏ انهن کي فعال بنائڻ لاءِ پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي بعد ۾ سيد مراد علي شاھه ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون عوام ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ڪرونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ جي صورت ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻون پوندو هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعلى سنڌ چيو ته وفاق جي رويئي سبب صرف سنڌ صوبي کي نه پر سڄي ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي جيڪا پاليسي رکي وئي آهي ته نه ڪنهن صوبي سان ڳالهائڻون آهي نه ڪنهن سياسي جماعت سان ڳالهائڻو آهي ۽ نه وري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائڻو آهي اهو رويو پوري ملڪ ۽ ملڪي معشيت کي نقصان پهچائي رهيو آهي وزير اعلى سنڌ پاڻي جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سابق وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ سي سي آئي جي ٿيل اجلاس ۾ مون پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون هيون ۽ ڊسمبر 2019 ۾ ٿيل اجلاس ۾ اٽارني جنرل پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سنڌ جي موقف جي تائيد ڪئي وئي هئي پر ان ۾ فيصلي ڪرڻ بجائي هڪ ٻئي ڪميٽي جوڙي مهيني اندر سفارشون ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر بدقسمتي سان گذريل ڏيڊ سال کان اها ڪميٽي ئي ناهي جوڙي وئي وزيراعلى سنڌ وڌيڪ چيو ته سي سي آئي جو اجلاس هر ٽئين مهيني ٿيڻ گهرجي پر گذريل اجلاس پڻ پنج مهينن کانپوءِ ٿيو هيو ۽ اميد آهي ته سنڌ سان انصاف ٿيندو پاڻي جي کوٽ ختم ٿيندي ان کان اڳ وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاھه بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فارگرلز پهتو ته ڪاليج جي ڪيڊٽس پاران کيس گلدستا پيش ڪيا ويا وزير اعلى پاران ڪيڊٽس ڪاليج جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري ڪاليج جو باقائده افتتاح ڪيو ان موقعي تي چيف انجنئير ايجوڪيشن ورڪس سکر خليل احمد شيخ وڏي وزير کي ڪاليج جي تعمير متعلق بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نواب شاھه شهر کان 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هڪ سو ايڪڙن تي ڪيڊٽ ڪاليج تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڪيڊمڪ ، ايڊمنسٽريشن، هاسٽل، رهائشي ڪالوني،راندين جا ميدان سميت سڀئي گهربل سهولتون مهيا ڪيو ويون آهن بعد ۾ زويراعلى ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ٻوٽو پوکيو ۽ سائنسي نمائش جوافتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڪيڊٽس پاران لڳايل اسٽالن جو تفصيلي دوروڪيو.ان موقعي تي ڪيڊٽس پاران وزير اعلى سنڌ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ مارچ پاسڊ، پي ٽي شو ، جمناسٽڪ جو شاندار مظاهرو ڪيو وزيراعلى پاران نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪاليج جي شاگردياڻين ۾ انعام تقسيم ڪيا جڏهن ته چئيرمين بورڊ آف گورنرس بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز ائير آفيسر ڪمانڊنگ سدرن ائير ڪمانڊ ائير وائس مارشل عباس گهمڻ وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاھه ۽ صوبائي وزير تعليم سعيد غني ۽ ٻين کي ڪاليج جي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي.ڪاليج جي افتتاحي تقريب ۾ ايم اين اي سيد غلام مصطفى شاھه ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم پي اي علي حسن زرداري، ايم پي اي چوڌري طارق مسعود آرائين، ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه، ڊي آئي جي مظهر نواز شيخ، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر،پرنسپل برگيڊئير رٽائرڊ محمد امين سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين شرڪت ڪئي.

0 Response to "عورتن کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت نواب شاھه ۾ بختاورڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer