سڪرنڊ نيوز. آرمي پبلڪ اسڪول ايبٽ آباد ۾ سنڌي نوجوان پهرين پوزيشن کڻي سنڌ ۽ سنڌي شاگردن جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو
سڪرنڊ نيوز. آرمي پبلڪ اسڪول ايبٽ آباد ۾ سنڌي نوجوان پهرين پوزيشن کڻي سنڌ ۽ سنڌي شاگردن جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو
سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ )
آرمي پبلڪ اسڪول ايبٽ آباد ۾ سنڌي نوجوان حسام جمال رند تعليم ۾ پهرين پوزيشن کڻي سنڌ ۽ سنڌي شاگردن جو فخر ۾ ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو حسام جي ڪاميابيءَ تي سندس مان ۾ همدرد هائوس سڪرنڊ تي شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي جتي ضلعي شهيد بينظيرآباد جي متحرڪ صحافين کي پڻ خصوصي طور گهرايو ويو جنهن ۾ نوابشاھ پريس ڪلب مان اسماعيل ڊومڪي ، سڪرنڊ پريس ڪلب مان رضا محمد سيال ، نصرالله ملاح ، شهباز پينل مان قادر بخش رند ، نيشنل پريس ڪلب نوابشاھ جو صدر منظور ٻگهيو ، ج.س رسول بخش رند ، غلام نبي ڀنڀرو ، نيشنل پريس ڪلب سڪرنڊ جو صدر غلام قادر چانڊيو ج.س نياز حسين چانڊيو شامل هئا جڏھن ته آجياڻي جي صدارت ڪاميابي ماڻيندڙ شاگرد حسام رند جي ناني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند ڪئي ۽ مهمان خاص همدرد سپورٽ پروگرام جو چيئرمين قاضي جاويد سنائي هو ان موقعي تي گل محمد رند چيو ته اسان جي وڏن جون مهربانيون جن اسان کي پڙهائي چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري تائين پهچايو اها ساڳي ڪوشش آهي ته پنهنجي اولاد کي به ان منزل تائين پهچايون اسان کي فخر آهي جو حسام رند آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو آهي .قاضي جاويد سنائي چيو ته اسان سڪرنڊ واسين کي رند خاندان تي ناز آهي جيڪي ٽن پيڙهين کان تعليمي ميدان ۾ نمايان ٿي سڪرنڊ شهر ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي آجياڻي دوران مقامي راڳي زاهد حسين ميمڻ گيت ڳائي شرڪت ڪندڙن کي جهومايو آخر ۾ حسام رند چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته وڏن واري تعليمي ، سماجي ۽ انسانيت واري روايت تي قائم رهان ۽ پنهنجي خاندان وارو روشن نالو برقرار رکان آجياڻي ۾ راشد کهڙو .امير گل رند ، ڌڻي بخش مگسي ، اقبال رند ، مير حسن رند سميت ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون ان خوشيءَ جي موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.
0 Response to "سڪرنڊ نيوز. آرمي پبلڪ اسڪول ايبٽ آباد ۾ سنڌي نوجوان پهرين پوزيشن کڻي سنڌ ۽ سنڌي شاگردن جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو"
Post a Comment