سچوا جي مرڪزي چيئرمين صفر چانڊيو جي ياد ۾ سندس پنجين ورسي جي مناسبت سان پروگرام منعقد
سچوا جي مرڪزي چيئرمين صفر چانڊيو جي ياد ۾ سندس پنجين ورسي جي مناسبت سان پروگرام منعقد
سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) سنڌ جي نامياري سماج سڌارڪ ۽ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ جي حوالي سان شهرت رکندڙ سچوا جي مرڪزي چيئرمين صفر چانڊيو جي ياد ۾ سندس پنجين ورسي جي مناسبت سان سنڌ ڪلچرل فورم پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي فورم جي مرڪزي اڳواڻ واحد بخش عمراڻي چيو ته صفر چانڊيو هڪ تاريخ جو نالو آهي جيڪو هميشه پنهنجي ڪردار سان زنده رهندو سڪرنڊ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر قاضي جاويد سنائي چيو ته صفر چانڊيو واحد ماڻھو هو جيڪو پاڻ کي به سچ چوندو هو غلطين ۽ ڪوتاهين مان سکڻ سندس وڙ هو سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ ۽ چانڊيا برادريء جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو الخدمت جي صدر ڪنور راشد مڪرم چيو ته صفر چانڊيو کي ويجهي کان ڏٺو سندس طبيعت ۾ نهٺائي ۽ پيار ڪمال جو هو ورسي تقريب کي خالد ڪيريو ، شمشاد ملاح . سائل لاکو . سارنگ ملاح . حسين بخش ڪيريو . نور ڪيريو. فيص ڪيريو. رضا محمد چانڊيو. فدا سنجراڻي سميت ٻين اڳواڻن پڻ محمد صفر چانڊيو جي زندگي تي الڳ الڳ روشني وجھندي چيو ته محمد صفر چانڊيو پنهنجي قول ۽ فعل سان سچو ڌرتي ۽ انسان سان محبت ڪندڙ انسان ھو ھن زندگي ڌرتي جي خوشحالي لاء جدوجهد ڪندي گذاري ڪيترين تڪليفن اچڻ بعد به ڪڏهن ھيڻي ڪون ٻولي ھميشا مڙس تي منهن ڏنو اھڙا انمول ھيرا ھميشا دلين تي رھندا ان موقعي سينئر صحافين قربان عمراڻي. علي حيدر چانڊيو . راجڪمار اوڏ . رضا محمد سيال . قاسم خاصخيلي ۽ مور چانڊيو سميت مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنـن شرڪت ڪئي
0 Response to "سچوا جي مرڪزي چيئرمين صفر چانڊيو جي ياد ۾ سندس پنجين ورسي جي مناسبت سان پروگرام منعقد"
Post a Comment