تحريڪ لبيڪ پاڪستان پي ايس 70ماتلي تي پنهجو اميدوار ميدان ۾ لاهي ڇڏيو
تحريڪ لبيڪ پاڪستان پي ايس 70ماتلي تي پنهجو اميدوار ميدان ۾ لاهي ڇڏيو
رپورٽ:- جميل ڀرڳڙي ماتلي
ماتلی ( ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان پي ايس 70ماتلي تي پنهجو اميدوار ميدان ۾ لاهي ڇڏيو۔
تفصيل مطابق تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران پي ايس 70 ماتلي تي پھنجو اميدوار ميدان ۾ لاھي ڇڏيو جيڪو ريلي جي صورت ۾ لبيڪ لبيڪ يارسول الله تاجدار ختم نبوت زنده آباد جي نعرن سان شاھ لطيف پريس ڪلب پهتو ھن موقع تي پي ايس 70 تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار پير محمد علي جان سرهندي مجددي پریس ڪانفرنس ڪندي چیو تہ اسان مفادن ڪوڙن دلاسن جي نه پر خدمت انسانيت جي سياست ڪرڻ آيا آھيون عوام ست ڏهاڪن کان حڪمرانن کان مايوس ٿيل آھي اسان غريب عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين عوام سڄاگ ٿي چڪو آھي فتح حق سچ وارن جي ٿيندي مولانا هاشم طاهري چیو تہ 20مئي اسان جي فتح ٿيندي جيڪا حقيقت ۾ عام عوام جي فتح ھوندي اسان محمد صلی اللہ وآلہ وسلم جو دين نافذ ڪنداسين ھن موقعي تي پير منظور جان سرهندي چيو ته ماتلي جو شعور ۽ نوجوان طبقو اسان سان گڏ آھي بلال تاج طاهري چيو ته مخالفن کي عوام لبيڪ لبيڪ جي نعرن سان لوڏي چڏيندي جان به حضور جي ووٽ به حضور جو آھي ھن موقع تي رائو محسن امين نواز آرائيں
۽ سوين ڪارڪن شرڪت ڪئي .
0 Response to "تحريڪ لبيڪ پاڪستان پي ايس 70ماتلي تي پنهجو اميدوار ميدان ۾ لاهي ڇڏيو"
Post a Comment