-->

Pop up

Ads display

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پاران ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ لاءِ  هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پاران ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن

 ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پاران ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ لاءِ  هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن



سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ 

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر ملڪ ۾ تيزي سان ڦهيلجي رهي آهي ان ڪري ضلع جي عوام کي هن خطرناڪ وبا کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته صحت کاتي وارا ڪرونا جي وڌيڪ ڪيسن وارن علائقن جي نشاندهي ڪن ته جئين انهن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ دائون لاڳو ڪري ڪرونا کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي ۾ ڪرونا جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو

laar voice news sukrand 

 اجلاس ۾ وائيس چانسلر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فاروومين ڊاڪٽر گلشن ميمڻ،ايم ايس ڊاڪٽر يارعلي جمالي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر دولت جمالي،سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪرونا وبا جي پهرين ۽ ٻئين لهر دوران ضلعي جي سڀني ادارن جي ٽيم ورڪ ۽ عوام جي تعاون سان ڪرونا کي ڦهلجڻ کان وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته ان جذبي ۽ ٽيم ورڪ ۽ عوام جي ڀرپور تعاون سان ڪرونا جي هن ٽئين لهر کي پڻ ضلعي ۾ ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ ڪاميابي ملندي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته رش وارن علائقن، تعلقه اسپتالن، رورل هيلٿ سينٽرن ۾ روزاني جي بنياد تي 5 سو کان وڌيڪ ڪرونا ٽيسٽون ڪيون وڃن ۽ انهن ٽيسٽن جي نتيجن ، ڪرونا متاثر مريضن، شڪي مريضن ۽ ٻيا انگ اکر روزاني جي بنياد تي ڊي سي آفيس کي ڏنا وڃن ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ قائم ڪووڊ ڪنٽرول روم ۾ ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيڪل عملو مقرر ڪيو وڃي جيڪو گهرن ۾ آئسوليٽ ڪرونا مريضن سان رابطي ۾ رهي انهن جي رهنمائي ڪري هن کيس اھا پڻ هدايت ڪئي ته ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ عوام کي ڪرونا وبا کان بچاءِ لاءِ حڪومت سنڌ جي ڏنل هدايتن تحت مفت ويڪسينيشن جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ايم ايس پي ايم سي اسپتال کي هدايت ڪندي چيو ته اسپتال ۾ قائم 100 بسترن تي مشتمل ڪرونا آئسوليشن وارڊ ۾ آڪسيجن جي بنا رنڊڪ فراهمي مريضن جي داخلا، دوائن،ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي مقرري کان علاوه ٻين ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي آگاهي ڏيندي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر دولت جمالي ٻڌايو ته هن وقت تائين ضلعي ۾ ڪرونا جا 77 هزار 828 سيمپلز ورتا ويا آهن جن مان 2 هزار 910 پازيٽو ۽ 73 هزار 336 نيگيٽو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 1552 سيمپلز جي رزلٽ جو انتظار آهي ۽ 30 سيمپلز ريجيڪٽ ٿيا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڪرونا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هن وقت تائين 20 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت ضلع ۾ ڪرونا جا متاثر مريضن جو تعداد 84 آهي جڏهن ته ضلعي ۾ ڪرونا کان بچاءِ جي ويڪسينيشن جو ڪم جاري آهي جنهن تحت صحت عملي سميت 9 هزار 484 ماڻهن کي ويڪسين جو پهريون ڊوز جڏهن ته 4 هزار 268 ماڻهن کي ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳي چڪو آهي.اجلاس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ضلع انتظاميه سان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو

0 Response to "ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پاران ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer