ماتلي ۾ احساس ڪفالت پروگرم جي پئسن مان ڪٽوتي جي خلاف ماتلي اتحاد طرفان ڌرڻو ھنيو
ماتلي ۾ احساس ڪفالت پروگرم جي پئسن مان ڪٽوتي جي خلاف ماتلي اتحاد طرفان ڌرڻو ھنيو
رپورٽ:-جميل ڀرڳڙي ماتلي
ماتلي ۾ احساس ڪفالت پروگرم جي غريب ۽ مستحق عورتن جي مالي مدد لاء موڪليل پئسن مان ڪٽوتي جي خلاف ماتلي اتحاد طرفان ماتلي اتحاد جي آفيس مان ريلي ڪڍي ٽنڊو غلام علي روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو
ڌرڻي کي ماتلي اتحاد جي صدر محمد رفيق ميمڻ۔ منور سمون ۔ محمد علي خاصخيلي۔ علي چوھاڻ۔اياز شيخ۔باسط شاھ ۔ عبدارزاق قاضي ۔حافظ بشير رستماڻي۔ الطاف مڱڻھار۔ شرافت مڱڻھار۔ شعيب مڱڻھار ۔ خطاب ڪندي چيو ته احساس ڪفالت پروگرام طرفان جاري ڪيل غريب مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي سراسر ظلم آھي ڊيوائيس انچارجن ملي ڀڳت ڪري ڪيترن ڏينھن کان ڪٽوتي ڪري لٽمار ڪري رھيا آھن اڳواڻن چيو ته ھن بيضميري جي ڌنڌي ۾ ملوث ڊيوائيس انچارجن ۽ ايجنٽن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن نا ته ٻي صورت ۾ روزانو اھو احتجاجي مظاھيرا جاري رھندا اسان ايس ايس پي بدين جناب شبير احمد سيٺار صاحب کي اپيل ٿا ڪريون ته انھن ڊيوائيس ھولڊر ۽ انھن جي ايجنٽن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
0 Response to "ماتلي ۾ احساس ڪفالت پروگرم جي پئسن مان ڪٽوتي جي خلاف ماتلي اتحاد طرفان ڌرڻو ھنيو"
Post a Comment