-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ تعلقا اسپتال ملازمن پاران پگهارون، ڪورونا رسڪ الائونس ۽ سالياني انڪريمنٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ تعلقا اسپتال ملازمن پاران پگهارون، ڪورونا رسڪ الائونس ۽ سالياني انڪريمنٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

 سڪرنڊ تعلقا اسپتال ملازمن پاران پگهارون، ڪورونا رسڪ الائونس ۽ سالياني انڪريمنٽ نه ملڻ خلاف احتجاج



سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراڏ

تعلقا اسپتال سڪرنڊ ۾ ملازمن پاران پگهارون، ڪورونا رسڪ الائونس ۽ سالياني انڪريمنٽ نه ملڻ خلاف مطالبن جي مڃتا لاء آئي ايڇ ايس ملازمن پاران ظھوراحمد گورچاڻي، ساجد علي زرداري، ذاڪر لنڊ، وسيم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقا اسپتال جي مين گيٽ تي ڌرڻو هڻي گيٽ بند ڪري ڇڏيو، مريض پريشان، ملازمن پاران انچارج تي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسين آئي ايڇ ايس جا ملازم آھيون پر انتظاميا گذريل چئن مهينن کان پگهارون نه پئي ڏئي، هنن چيو ته گذريل هفتي اسان کي پگهارون ڏيڻ جو واعدو ڪري اسان جو احتجاج ملتوي ڪرايو ويو، هڪ هفتو ٿي ويو آھي پر پگهارون نه مليون ابتو وري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ھنن چيو ته پگهارن کان علاوه ڪورونا الائونس، سالياني انڪريمنٽ ۽ ٻيون سهولتون پڻ روڪيون ويون آھن اسان مسڪين ملازم سخت مشڪلاتن باوجود ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، ان جي باوجود اسان جون پگهارون روڪيون ويون آھن، اسان ڦاڪا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آھيون ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪورونا الائونس ۽ سالياني انڪريمنٽ سميت اسان جون رھيل پگهارون ڏئي اسان کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

0 Response to "سڪرنڊ تعلقا اسپتال ملازمن پاران پگهارون، ڪورونا رسڪ الائونس ۽ سالياني انڪريمنٽ نه ملڻ خلاف احتجاج"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer