ٽنڊوجان محمد ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ڇُٽو ملاح ٽنڊوباگو واسي ملاح برادري
Monday, March 29, 2021
Comment
ٽنڊوجان محمد ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ڇُٽو ملاح ٽنڊوباگو واسي ملاح برادري
رپورٽ گلاب خاصخيلي
ٽنڊوجان محمد جي ڏيئي ڦاٽڪ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ڇُٽو ملاح ٽنڊوباگو واسي ملاح برادري جي محمد عظيم ملاح ٻن ٻارڙن سميت شديد زخمي،
واقعي کان پوء ڪار ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو جڏھن تہ ڪار واقعي واري ھنڌ بيٺل آھي،
ٽنڊوجان محمد پوليس زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر ٽنڊوجان محمد کڻائي آئي،جتي طبي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي،زخمين ۾ ھڪ فرد جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي ٻي طرف ھڪ نوجوان جي کاٻي ٻانھن ڀڄي چُڪي آھي،
ھوڏانھن وارثن سان رابطو ڪرڻ کان پوء وارث واقعي واري ھنڌ روانا جڏھن تہ وارثن جي اچڻ کان پوء حيدرآباد اُماڻيا ويندا
0 Response to " ٽنڊوجان محمد ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ڇُٽو ملاح ٽنڊوباگو واسي ملاح برادري"
Post a Comment