تعليم جو نظام ٻهراڙين ۾ بهتر ڪيئن ڪجي- مقصودورند ۾ سنڌي ادبي سنگت
Saturday, January 23, 2021
Comment
مقصودورند رپورٽ ظھور حسين رند )
مقصودورند ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان” تعليم جو نظام ٻهراڙين ۾ بهتر ڪيئن ڪجي جي عنوان هيٺ تعليمي
مزاڪرو وڏي انگ ۾ شريڪ اديبن سياسي سماجي حلقن طرفان سنڌ ۾ تعليم جي تباهي تي ڳڻتي جو اظهار خبر موجب گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودورند طرفان پبلڪ اسڪول سورهيه بادشاه ڳوٺ هاشم ڏاهري ۾ سنڌ جي تعليم جي نظام کي ٻهراڙي ۾ بهتر ڪيئن ڪجي جي عنوان هيٺ تعليمي مزاڪرو ٿيو جنهن۾ تعليمي ماهرن اديبن شاعرن قلمقارن استاد اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ٽريد يونين ضلعي سانگهڙ جي مشهور مزدور اڳواڻ ليکڪ صوفي محمد عالم ڏاهري چيو ته سنڌ جي تعليم جو نظام هٿ سان تباه ڪري عوام کي جاهل بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي خاص ڪري سنڌ جو ٻهراڙيون تعليم جي تباهي جي لپيٽ ۾ آهن سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ۽ نوجوان صحافي ليکڪ بهادر رند چيو ته ٻهراڙين ۾ تعليم نظام جو بهتر نه هجڻ ڳڻتي جوڳوعمل آهي ان لاء جدوجهد ڪرڻي پوندي نوجوان سماجي شخصيت ولي محمد ڏاهري چيو ته ٻهراڙين ۾ اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ هر باشعور جو فرض آهي پ ٽ الف تعلقي شهدادپور جي آفيس سيڪريٽري استاد شوقين علي رند چيو ته تعليم کي بچائڻ هرفرد جو فرض آهي ان لاء نه صرف استادن پر والدين ۽ معاشري جي هر فرد کي آواز بلند ڪرڻو پوندو تعليمي مزاڪري کي خطاب ڪندي پبلڪ اسڪول سورهيه بادشاه جي پرنسپال خادم ڏاهري سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودورند جي سيڪريٽري شفيع محمد ڏاهري نيشنل پريس ڪلب مقصودورند جي جنرل سيڪريٽري مير حسن رند نوجوان صحافي احسان علي رند رجب ڏاهري غلام قادرعرف گل رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻهراڙين ۾ تعليم جو نظام بهتر ڪرڻ لاء سنڌ جي شعور کي اٿي کڙو ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي
0 Response to "تعليم جو نظام ٻهراڙين ۾ بهتر ڪيئن ڪجي- مقصودورند ۾ سنڌي ادبي سنگت "
Post a Comment