-->

Pop up

Ads display

نفرتون پکيڙيو يا واويلا ڪريو  خان صاحب بليڪ ميلنگ ۾ نه  ايندو * گل محمد رند

نفرتون پکيڙيو يا واويلا ڪريو خان صاحب بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو * گل محمد رند

 رپورٽ راج ڪمار اوڏ سڪرنڊ


پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند چيو آهي ته سياسي يتيم ڀلي ڪيڏيون به نفرتون پکيڙين يا عمران خان خلاف واويلا ڪن پر خان صاحب نه بليڪ ميلنگ ۾ ايندو نه وري سندن ناجائز مطالبا تسليم ڪندو هُو سڪرنڊ لڳ ڳوٺ سومر جلالاڻي ۾ پي ٽي آئي ليبر ونگ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ جلالاڻي پاران پي ٽي آئي نوابشاھ ڊويزن جي عهديدارن کي ڏنل مانجهاندي ۾ ڳالهائي رهيو هو هن چيو وزير اعظم عمران خان چونڊيل وزير اعظم آهي کائنس استيفيٰ جو مطالبو اهي ڪري رهيا آهن جيڪي ڪيترن سالن کان ملڪي وسيلن تي قابض رهيا ۽ معائشي بد حالي پکيڙي جنهن جا اثر اڃا تائين منهنگائي جي صورت ۾ موجود آهن ان شاء الله ايندڙ وقت  ملڪ ۽ قوم لاءِ خوشحالي آڻيندو مانجهاندي ۾ ليبر ونگ جي ڊويزن ، ضلعي ۽ تعلقي عهديدارن شرڪت ڪئي جن ۾ خادم حسين انڙ ، خادم حسين دائود پوٽو ، مشتاق احمد ٻگهيو ، پهلوان خان رند , محمد حسين ملڪ ، ديدار انڙ ، محمد قاسم مهر ، تنوير احمد جٽ ، اڪبر خان مري ، سراج احمد شاھ ۽ حيدر رند سميت ٻيا پڻ شامل هئا مانجهاندي ۾ سنڌ جي نامياري سگهڙن فقير منٺار ٻگهيو ۽ ادريس جمالي خصوصي طور شرڪت ڪئي جن پنهنجي سگهڙائپ ذريعي مانجهاندي واري ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ ڪچهري وري ٻيڻو مزو تڏھن ڪيو جڏھن غلام مصطفيٰ جلالاڻي سنڌ جي مهمان نوازي واري روايت کي پورو ڪندي سنڌي کاڌن جا طعام تيار ڪرايا جنهن ۾ ماکي ، مکڻ ، ٻاجهري جي ماني ، سرنهن جو ساڳ ، لسي ۽ بُسري سميت عام کاڌا پڻ شامل هئا

0 Response to "نفرتون پکيڙيو يا واويلا ڪريو خان صاحب بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو * گل محمد رند"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer