ليب ڪوالٽي مئنجمينٽ جي وصف ۽ پاڪستان جون مقامي ليبارٽريون
Saturday, January 23, 2021
Comment
ليب ڪوالٽي مئنجمينٽ جي وصف ۽ پاڪستان جون مقامي ليبارٽريون
جيڪڏھن ليبارٽري کي آئي ايس او يعني انٽرنيشنل اسٽينڊرائيزيشن اورگنائيزيشن ۽ سي ايل ايس آئي مطلب ڪلينيڪل ليبارٽري اسٽينڊرائيزيشن انسٽيٽوٽ ٽحت ڏٺو وڃي تہ پاڻ کي اھا وصف ملندي تہ ھڪ ليبارٽري جو دارومدار صرف ۽ صرف ھن جي ڪوالٽي تي ھوندو آھي، جئين ليبارٽري ۾ ھڪ مريض جي مختلف چڪاسن جي حساب سان سڀ شيون موجود ھونديون آھن. مثال طور ٽيسٽ جا ريئجينٽ، ڪيميڪل، مشينون، صفائي، وقت جو بچاءٌ ۽ مريض جي درست رپورٽ، اھي سڀ شيون ھڪ تمام بھترين ليبارٽري جي ڳالھ ڪئي وڃي تہ ھن ۾ اچن ٿيون. جيڪڏھن ھڪ ليبارٽري پنھنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪندي آھي تہ ھن ۾ ڪوالٽي مئنيجمينٽ جو وڏو ڪردار ھوندو آھي، ۽ اھو ڪنھن بہ بيماري جي درست سڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آھي
پر ٻئي طرف جيڪڏھن اسان جي ليبارٽرين جي ڳالھ ڪجي تہ ڪجھ اعلي قسمن جي ليبارٽرين جھڙوڪ آغا خان، ڊي آر، ڊاوو ليب جھڙيون ليبارٽريون موجود آھن، جيڪي ڊبليو ايڇ او يا آئي ايس او جي اصولن مطابق ڪم ڪن ٿيون،پر ٻئي طرف اسانجن مقامي ليبارٽرين طرف ڏٺو وڃي تہ پاڪستان جي ليبارٽرين جو اللہ ئي حافظ آھي، اھڙيون ليبارٽريون اسان جي ھر ننڊن وڏن شھرن ۾ آساني سان ملي وڃن ٿيون، ھنن جا تہ اصول ئي پنھنجا ھوندا آھن، ڇا جي ڪوالٽي ڇا جي صفائي، اھي ھڪ دفعا استعمال ٿيل شيون ٻيھر استعمال ڪرڻ ۾ ڪو بہ عار محسوس ڪندا آھن، اھڙن قسمن جي ليبارٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عملو اڻ سکيل ۽ غيرذميوار ھوندو آھي، نہ تہ ليب ڪوٽ پاتل ھوندو آھي نہ ئي ھٿن وارا گلوز پاتل ھوندا آھن، مڙئي ڪم کي پيا ھلائيندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن مريض جي ٽيسٽ ڪرڻ ۾ 10 منٽ لڳندا آھن تہ اھي مريض کي چوندا آھن تہ رپورٽ اڌ ھڪ ڪلاڪ کان پوءَ ايندي.
جيڪي مقامي ليبارٽريون ھونديون آھن اتي گھڻو ڪري فقط ٽيڪنيشن ئي ڪم پيا ڪندا آھن، جيڪي صرف ھڪ سال جي مختصر سکيا ڪري ايندا آھن،انھن وٽ تمام گھٽ تجربو ھوندو آھي،مڙئي ٻھراڙي جي ماڻھن کي پيا لٽندا آھن، لوڪل ليبارٽريون ھلائڻ وارن جا وات گٽڪن ۽ مين پڙين سان ڀريل ھوندا آھن، صفائي جو تہ ڪو نالو ئي نہ ھوندو آھي، ھاڻ توھان ئي ٻڌايو تہ جيڪو مريض پنھنجا پئسا خرچ ڪري بيماري جي صحيح سڃاڻپ لاءُ چڪاس ڪرائيندو آھي ڇا ان کي 100 سيڪڙو درست رپورٽ ملي سگھندي؟ اھڙين ليبارٽرين ۾ تہ مشينون بہ صحيح نہ ھونديون آھن، ۽ ڪافي رپورٽُون صرف ٽيوب کي ڏسي اندازي سان ڏئي ڇڏيندا آھن، تنھنڪري ظاھر آھي تہ بيماري جي غلط سڃاڻپ ۽ علاج ٿيندو آھي، ليبارٽرين ۾ صفائي نہ ھجڻ جي ڪري انفيڪشن ٿيڻ بہ ھڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي. انڪري حڪومت کي لوڪل ليبارٽرين جي باري ۾ سنجيدہ قدم کڻڻ گھرجي، اھڙين ليبارٽرين جي ٽيسٽنگ پروٽوڪول جو جائزو ورتو وڃي، يا معياري ليبارٽرين جو برانچون ھر شھرن ۾ کوليون وڃن، سندن چڪاس لاءٌ لڳندڙ فيسون گھٽ ڪيون وڃن تہ جئين عام ماڻھو ان سھولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگھن، ڇو تہ ھڪ صحتمند قوم ئي ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪري ٿي.
0 Response to "ليب ڪوالٽي مئنجمينٽ جي وصف ۽ پاڪستان جون مقامي ليبارٽريون "
Post a Comment