-->

Pop up

Ads display

سنڌ جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ پاران احتجاجي ريلي

سنڌ جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ پاران احتجاجي ريلي

 سنڌ جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ پاران احتجاجي ريلي



سڪرنڊ  رپورٽ راج ڪماراوڏ 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي بحريه ٽائون انتظاميه ۽ ملڪ رياض پاران سنڌ جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ پاران اياز مھر ٖ ماڻڪ ملاح ٖ سائل پيرزادو . حنيف سومرو . علي نواز ڏاھري . مصور چھواڻ . جھانگير ڏاھري . الفي سومرو . سرمد جلباڻي . اصغر تنھا . اظھر مھر قلندربخش ملاح . قاصم خاصخيلي . مجيد عباسي . منور عمراڻي . فدا زوئر حسين بخش ڪيريو ۽ ٻين دوستن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي قاضي سرفراز ميمڻ چؤڪ کان پريس ڪلب سڪرنڊ تائين ڪڍي  وئي


 جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ کي نئون اسرائيل بنائڻ جي هڪ ڀرپورڪوشش ٿي رهي آھي.جنهن تحت مڪمل رٿابنديءَ سان ٻاهران آيل ماڻھن کي آباد ڪري سنڌ جي اصلي وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي پر سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿي چڪا آهن اهي ڪڏهن به سنڌ سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش نه رهندا،ھُنن چيو ته اهو وڏي ۾ وڏو ظلم آھي جو غريب مسڪين ماڻھن کي زبردستي پنهنجن قديمي گهرن توڙي ڳوٺن مان بي دخل ڪري ڇڏجي

.اسان سمجهون ٿا ته بحريه ٽائون هڪ سنڌ دشمن منصوبو آھي اهو ختم ڪري زمينون اصلي وارثن حوالي ڪيون وڃن،ھنن چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آھي ان جي خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين.ھنن مطالبو ڪيو ته بحريه ٽائون جهڙا منصوبه اسان سنڌين جي وجود جي خلاف هڪ گهري سازش آھن جنهن کي رد ڪيو وڃي،ملڪ رياض ۽ ان جي سهولتڪارن جو پڻ گهيراءُ ڪرڻ گهرجي.


0 Response to "سنڌ جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ پاران احتجاجي ريلي"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer