نئون دمبالو ۾ ھاري مزدور اتحاد ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٻئي ورسي سادگي سان ملھائي وئي ۽ سندس آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي سرخ سلام پيش
نئون دمبالو ۾ ھاري مزدور اتحاد ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٻئي ورسي سادگي سان ملھائي وئي ۽ سندس آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي سرخ سلام پيش
لاڙ وائس نيوز
نئون دمبالو ۾ ھاري مزدور اتحاد ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٻئي ورسي سادگي سان ملھائي وئي ۽ سندس آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي سرخ سلام پيش ڪيو ويو تفصيل موجب دمبالو ۾ عوامي ورڪر پارٽي جي پليٽ فارم تان سياسي مزدور اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٻئي ورسي ملھائي وئي ان موقعي تي عوام ورڪر پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪامريڊ جي ساٿين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀيٽائون پيش ڪيو ان موقعي تي عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ چمبڙ تحريڪ جي سرواڻ ڪامريڊ احمد خان لغاري جي فرزند ڪامريڊ لطيف سنڌو خطاب ڪندي چيو تـ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي صدين کان پيڙيل ھيٺين طبقن سان ٿيندڙ جبر ظلم ڏاڍ ۽ ناانصافي جي خلاف سنڌ پرڳڻي مان اٿندڙ سگھارو آواز ھو
ڪامريڊ جي جدوجھد اسان جي لاء اتسائيندڙ آھي اڄ بـ حالتن جو جبر وڌيو آھي ظالم قوتون آخري حد تائين پھچي ويون آھن ھاڻي سماج ۾ ڦرلٽ واري نظام جي خلاف ڪامريڊ جي جدوجھد اسان جي لاء مشعل راھ آھي اسان ڪامريڊ محمد خان احمداڻي کي ڀيٽا پيش ڪندي وچن ٿا ڪريو اسان پورھيت جدوجھد جاري رکنداسين
۽ ان موقعي تي ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي فرزند ڪامريڊ ننگر خان احمداڻي ڳالھيندي چيو تـ بابا سائين ڪامريڊ ھميشـ پورھيت جدوجھد ۾ ھميشـ اڳڀرو رھيو ۽ اسان بـ بابا سائين جي ڪيل جدوجھد کي جاري رکندي ھاري مزدور ۽ پورھيتن لاء جاکوڙ جاري رکنداسين ان موقعي تي ڪامريد مختيار احمد ميمڻ ۽ ڪامريڊ ڪرشن راٺوڙ بـ ورسي جي موقعي تي خطاب ڪيو جڏھن تـ ۽ پ پ پ جي مينارٽي ونگ رميش ڪولھي جي اڳواڻي ۾ بـ وفد شرڪت ڪري ڀيٽا پيش ڪندي خطاب
ڪيو۔۔
رپورٽ پريم ڪمار راجپوت
0 Response to "نئون دمبالو ۾ ھاري مزدور اتحاد ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٻئي ورسي سادگي سان ملھائي وئي ۽ سندس آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي سرخ سلام پيش"
Post a Comment