-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ تي شاندار آجياڻو…

سڪرنڊ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ تي شاندار آجياڻو…



 رپورٽ راج ڪماراوڏ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ضلع شهيد بينظيرآباد ۽ ضلع مٽياري جي مختلف پريس ڪلبن ۽ متحرڪ صحافين کي ڳوٺ ڪنب ليمان ۾ پنهنجي رهائش گاھ تي شاندار آجياڻو

 ڏنو جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي بي گناھ گرفتاري ۽ مون مٿان بنا جواز داخل ڪيسن تي صحافين حق سچ جو آواز بلند ڪيو ۽ منهنجي اخلاقي مدد ڪري اخبارن توڙي ٽي وي چينلز تي منهنجي دانهن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو جيڪو آواز منهنجي آزادي جو سبب پڻ بڻيو ان ڪري اڄ کين آجياڻو ڏئي شڪريو ادا ڪري رهيو آهيان فقير محب جمالي ان ڳالھ جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا يا ڪن مخالف سياسي ماڻھن پاران هلايل اها ڳالھ بلڪل غلط آهي ته منهنجي جيل مان آزادي ۾ پ پ پ سان ڊيل يا پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري سان ڪو ڳجھ ڳوھ ۾ ٺاھ جو نتيجو آهي منهنجي عدالتن ضمانت منظور ڪئي جنهن بعد قانون موجب آزاد ٿيو آهيان جڏهن ته ڪيس اڃا برقرار آهن پر انهن کي مڙس ٿي منهن ڏبو حڪمرانن جي هيٺائين ڪانه ڪبي هن وڌيڪ چيو ته اسين فقير ماڻھو آهيون ۽ پير سائين پاڳاري جي در جا فقير آهيون جتان ڪنهن کي رنجائڻ نه بلڪه انسانيت جي خدمت  جو درس ملي ٿو جنهن تي عمل پيرا آهيون ان خدمت خلق سبب عوام اسان جي ويجهو آهي جيڪا ڳالھ مخالفن کي هضم نٿي ٿئي هن اهو به چيو ته موجوده وقت ۾ ضرورت آهي ته تصوف کي فروغ ڏنو وڃي خاص ڪري نوجوانن کي ان پاسي لاڙو ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ لطيف سرڪار ، اعجاز سائين ، مخدوم طالب الموليٰ سميت سنڌ جي صوفي شاعرن جي شاعري جي سکيا به شامل هجي آجياڻي ۾ جن سينئر صحافين شرڪت ڪئي انهن ۾ ذوالفقار خاصخيلي ، اسماعيل ڊومڪي ، منظور ٻگهيو ، رضوان ٿيٻو ، اياز ڏاهري ، اڪرم شهزاد ، قاضي جاويد سنائي ، رضا محمد سيال ، امتياز ميمڻ ، راجڪمار اوڏ ، بخش علي جمالي ،ممتاز خاصخيلي، فدا حسين چانڊيو ، قاسم قمبراڻي ، گل محمد لغاري ، رياض حسين ڪيريو ، رياض حسين زرداري ، ذيشان سومرو ، ذوالفقار ڪوري، دلدار چانڊيو ، مور چانڊيو ، غلام نبي ، لياقت ٻگهيو سميت ڪيترائي صحافي شامل هئا ان موقعي تي فقير محب جمالي ، سندس فرزند سليم جمالي ۽ ڀاءُ مجاهد جمالي آيل مهمانن جو ٿورو مڃيندي اچڻ مهل کين ڀليڪار ۽ وڃڻ مهل کلي موڪلاڻي ڪئي

0 Response to "سڪرنڊ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب جمالي عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ تي شاندار آجياڻو…"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer