ماتلي: شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس اهلڪارن کي قتل ڪرڻ خلاف….
Monday, May 24, 2021
Comment
رپورٽ:-جميل ڀرڳڙي ماتلي
ماتلي:
شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس اهلڪارن
کي قتل ڪرڻ خلاف ماتلي اتحاد جي ڪارڪنن جي وڏي انگ پاران ماتلي اتحاد جي آفيس کان
ريلي ڪڍي وئي
ريلي
مختلف هنڌن تان ٿيندي ٽنڊو غلام علي روڊ تي پهتي جتي ڌرڻو هڻي ڌاڙيلن خلاف
نعريبازي ڪئي وئي , مظاهري کي خطاب ڪندي ماتلي اتحاد جي صدر رفيق ميمڻ, محمد علي
خاصخيلي, منور سمون, علي چوهاڻ, باسط شاه, اياز شيخ, هيرو سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي
چيو ته شڪارپور سميت سڄي اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي
اغوا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن هنن چيو ته گذريل ڏينهن آپريشن دوران ڌاڙيلن
پاران جديد هٿيارن سان پوليس مٿان حملو ڪيو ويو ايڏا جديد هٿيار ڪٿان آيا ۽ ڌاڙيلن
کي ڪنهن ڏنا اهو سوال خود پوليس ۽ سنڌ حڪومت لاء سواليه نشان بڻيل آهي مظاهرين جو
چوڻ هو ته اسان سنڌ پوليس جي شهيد ٿي ويل اهلڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن جان جي پرواه
نه ڪندي ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائي شهادتون ماڻيون , ماتلي اتحاد جي اڳواڻن گهر ڪئي
آهي ته پوليس سان گڏ فوج ۽ رينجرز کي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ لاٿو وڃي ۽ ڌاڙيلن کي منطقي انجام تائين
پهچايو وڃي ته جيئن سنڌ واسي سک جو ساه کڻي سگهن
0 Response to "ماتلي: شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس اهلڪارن کي قتل ڪرڻ خلاف…."
Post a Comment