سڪرنڊ جو رهواسي برطانيا ۾ مئجسٽريٽ ٿيڻ کان پوء بهترين سنڌ جي باري ۾ ..
سڪرنڊ جو رهواسي برطانيا ۾ مئجسٽريٽ ٿيڻ کان پوء بهترين سنڌ جي باري ۾ ..
سڪرنڊ رپورٽ: راج ڪماراوڏ
سڪرنڊ جو رهواسي برطانيا ۾ مئجسٽريٽ ٿي ويو،خبر موجب سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ پليو ڀٽو جو رهواسي سابق ڪسٽم آفيسر ۽ سپاف سنڌ جي اڳوڻي صدر راڻو خان ڀٽو جو فرزند غلام مرتضيٰ ڀٽو جيڪو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم وائيٽ هائوس گرامر اسڪول گلشن اقبال ڪراچي ۾ حاصل ڪري ميٽرڪ ڪئي، جنهن کانپوءِ ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ انٽر هن ڪئي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان بيچلر سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ تعليم پرائڻ جي شوق ۾ غلام مرتضي ڀٽو برطانيا مان ماسٽر انوالمينٽ جي ڊگري پڻ حاصل ڪري ورتي ۽ اتي جاب شروع ڪيائين، ان کانپوءِ پوءِ هي قطر هليو ويو جنھن ۾ هن وڏن وڏن پروجيڪٽن دعا انٽرنيشنل ايئرپورٽ، فل سٽي جي ڊيزائن ۽ ٻين ڪمن ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا، ان کان پوءِ هي وري برطانيا شفٽ ٿي ويو اتي بزنس شروع ڪيائين، بعد ۾ هن برطانوي مئجسٽريٽ جي لاءِ اپلائي ڪيو جنهن ۾ ھن ڪاميابي ماڻي ورتي آھي ۽ سنڌ جي ضلعي شھيد بينظير آباد جي تعلقي سڪرنڊ جي سنڌو درياھ جي ڪپ تي قائم ننڍڙي ڳوٺ پليو ڀٽو جو رهاڪو غلام مرتضي ڀٽو اڄ برطانيا ۾ مئجسٽريٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لاء پر اميد آھي، جڏهن ته غلام مرتضي ڀٽو جو ٻيو ڀاء مجيب الرحمان پڻ برطانيا ۾ بزنس ڪري رهيو آھي، اها خبر ملڻ شرط سندس والدين، مٽن مائٽن، چاچو نور محمد، مور خان ڀٽو، سئوٽ علي محمد ڀٽو، عبدالحميد ڀٽو، علي شير ڀٽو، لکانو ڀٽو، حڪيم ڀٽو، انور ڀٽو سميت سندس دوستن ۽ علائقي واسين ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي آھي ٻئي طرف غلام مرتضي ڀٽو پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته ڪاروبار ۾ اوهان صرف پاڻ کي سپورٽ ڪيو ٿا پر تعليم اها شيء آھي جنهن ۾ اوهان ڪميونٽي کي سپورٽ ڪري سگهون ٿا ان ڪري پنهنجي اولاد کي هر حال ۾ تعليم ڏياريو ته جيئن ان لاء مستقبل ۾ رستا آسان ٿي سگهن
0 Response to "سڪرنڊ جو رهواسي برطانيا ۾ مئجسٽريٽ ٿيڻ کان پوء بهترين سنڌ جي باري ۾ .."
Post a Comment