ڪراچي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آءُ ڪنهن وٽ به مٺائي کڻي نه ويو آهيان مون سان رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو
ڪراچي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آءُ ڪنهن وٽ به مٺائي کڻي نه ويو آهيان مون سان رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو
ڪراچي (رپورٽ راج ڪماراوڏ) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته آءُ ڪنهن وٽ به مٺائي کڻي نه ويو آهيان مون سان رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو ويو ته پي ايس پي کي پي ٽي آءِ زم ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ڪري مون ملاقات ڪئي، عارف نقوي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار گورنر سنڌ عمران اسماعيل ڪي اليڪٽرڪ بن قاسم ٿرمل پاور اسٽيشن جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن گورنر سنڌ کي منصوبي بابت آگاهي ڏيندي چيو ته هي منصوبو 70 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي، هي منصوبو 650 ملين ڊالرن جي لاڳت سان تعمير ٿيو آهي جيڪو 900 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو، هن منصوبي لاءِ حڪومت پاڪستان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي، ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ته رمضان ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، اسان جي حڪومت ۾ ايندي ڪي اليڪٽرڪ سان تعلقاتن جو آغاز جهيڙي سان ٿيو، اسان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي واضح چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته عارف نقوي جي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي هو بهترين انسان آهي، دعا آهي ته هو جلد ڪاروباري سرگرمين ۾ واپس اچي، آءُ ڪنهن ڏانهن به مٺائي کڻي نه ويس پر مون سان رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو ويو ته پي ايس پي کي پي ٽي آءِ ۾ زم ڪرڻ چاهيون ٿا ان ڪري آءُ ملاقات ڪئي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي، حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي، افوا پکيڙيندڙن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، ڪرونا جي صورتحال سڄي ملڪ ۾ تشويشناڪ آهي، ان ڪري عوام کي ايس او پيز جو خيال رکڻ گهرجي.
0 Response to "ڪراچي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آءُ ڪنهن وٽ به مٺائي کڻي نه ويو آهيان مون سان رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو"
Post a Comment