ٽنڊوغلام علي جي آفيس اسسٽنٽ محمد هاشم سانگي ريٽائرڊ ٿيڻ تي عملي ۽ آفيسرن پاران الوداعي پارٽي
ٽنڊوغلام علي جي آفيس اسسٽنٽ محمد هاشم سانگي ريٽائرڊ ٿيڻ تي عملي ۽ آفيسرن پاران الوداعي پارٽي
رپورٽ۔شاھ محمدخاصخيلي
ٽائون ڪميٽي ٽنڊوغلام علي جي آفيس اسسٽنٽ محمد هاشم سانگي کي 60 سال پورا ٿيڻ بعد ريٽائرڊ ٿيڻ تي ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام علي جي عملي ۽ آفيسرن پاران الوداعي پارٽي ڏني ويئي, تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي چيئرمين ۽ شهر جي معزز شخصيت حاجي محمد صديق خاصخيلي,ڄامشورو يونيورسٽي جو پروفيسر محمد خان سانگي,سائين محمد مٺن ملاح,سائين فخرالسلام آريسر, آفيس سپرينٽينڊنٽ افتخار حسين خاصخيلي, ۽ ٻين چيو ته محمد هاشم سانگي پنهنجي زندگي جي 60 بهارون مڪمل ڪري اڄ کان حڪومتي عهدي جي ذميوارين کان آجو ٿي آزاد زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي ھنن چيو ته محمد ھاشم سانگي جون شهر واسين لاء بيمثال خدمتون ڪيون آھن ۽ ھو پاڻ ھڪ سٺي سوچ رکندڙ بهترين ايڊمنسٽريٽر به ھو شهر جي ترقي لاء ڏينهن رات محنت ڪندو ھو ۽ پنهنجي پوري سروس ۾ ايمانداري سان نوڪري ڪئي ۽ آفيسرن سميت نائب قاصدن ۽ ٻهاريدارن کي به ڪڏهن ڇڙٻ نه ڏني, هن شهر جي صفائي جي مسئلن, عوامي مسئلن توڙي شهر ۾ عوامي تقريبن ڪرائڻ لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪيو, ان موقعي تي محمد هاشم سانگي خطاب ڪندي چيو ته زندگي جون سٺ بهارون ڪئين گذري ويون ڪا به خبر نه پيئي نوڪري دوران پنهنجي پوسٽ تي جنهن به ماڻهو جو جائز ڪم آيو ان کي پنهنجو ذاتي ڪم سمجهي ڪيم, هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به ملازم پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان سرانجام ڏي ٿو ته ان کي دلي سڪون پهچي ٿو, آئون سمورن ملازمن کي عرض ڪندس ته عوامي يا آفيس جي ملازم جي مسئلي لاء توهان وٽ ڪا به درخواست اچي ان کي بخوبي حل ڪري ڏيندا ته ان جو اجر ٻنهي جهانن ۾ ملي ٿو, تقريب ۾ معزز شهرين هيڊ ماستر سائين فخرالسلام آريسر,آغا مزمل دراني,ڀائي مير محمد درس,سائين عتيق الرحمن سولنگي,سائين عبدالله ميمڻ,سنيٽري انسپيڪٽر زاھد حسين قمبراڻي, ملالا فيڊر اسڪول انچارج سائين موتي رام پنڙ, سائين محند ايوب قمبراڻي, ۽ پريس ڪلب ٽنڊو غلام علي جو صدر عالم چند لالواڻي,سينئر صحافي جهانگير ملاح,سيٺ راجو,مير خان محمد ٽالپر,محمد يوسف سانگي,حفيظ الرحمن سولنگي,چوڌري نعمت الله جٽ سميت شهر جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ محمد ھاشم سانگي جي ڪيل خدمتن کي ساراھيو, تقريب ۾ آيل سڀني مهمانن ۽ ميزبان استاد افتخار حسين خاصخيلي سميت آيل معززين رٽائرڊ ٿيندڙ محمد هاشم سانگي کي گلن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪندي اڳوڻو چيئرمين حاجي محمد صديق خاصخيلي ۽ شهري لڙڪ لاڙي ويٺا جڏھن ته چاچا مير محمد درس ۽ انور حسيني طرفان محمد ھاشم سانگي کي ٿري لونگي جو تحفو پيش ڪيو آخر ۾ آيل مهانن توڙي ملازمن کي ڊنر پڻ ڪرايو ويو,
good report
ReplyDelete