-->

Pop up

Ads display

گمبٽ ۾ ٽيوشن تي ويندڙ نياڻين جو پيڇو ڪندڙ ڇوڪرا نياڻين جي پيءُ جي ور چڙھي ويا

گمبٽ ۾ ٽيوشن تي ويندڙ نياڻين جو پيڇو ڪندڙ ڇوڪرا نياڻين جي پيءُ جي ور چڙھي ويا

 گمبٽ ۾ ٽيوشن تي ويندڙ نياڻين جو پيڇو ڪندڙ ڇوڪرا نياڻين جي پيءُ جي ور چڙھي ويا



 ٽيوشن تي ويندڙ نياڻين پنهنجي پيءُ غلام رضا سيال کي ٻڌايو ته اسين جڏھن ٽيوشن تي وينديون آھيون ته ڪجھ بدمعاش ڇوڪرا پيچو ڪندا آهن ۽ ڇوڪرا غير اخلاقي حرڪتون ڪن ٿا ۽ نازيبا لفظ ڳالھائن ٿا.  تنهن تي پيءُ پنھنجي نياڻين کي چيو تہ اوھان ٽيوشن تي وڃو، مان انھيءَ معاملي تي پاڙي وارن سان ڳالھايان ٿو. 

جيئن ئي ڇوڪريون ٽيوشن تي وڃي رھيون ھيون تہ ڪجھ ئي پنڌ تي اھي ساڳيا ڇوڪرا ڇوڪرين جو پيڇو ڪرڻ لڳا. اتفاق سان ڇوڪرين جو پيءُ به ان ئي رستي سان اچي رهيو ھو ۽ ھن اھو لقاء پنهنجن  اکين سان ڏٺو ۽ پاڙي وارن جي مدد سان جوابدارن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو. آخري اطلاعن تائين گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل نہ ٿي  سگھيو آھي.

اگر پوليس ڪو ايڪشن نہ ورتو ته والدين پنھنجي نياڻين جي عزت بچائڻ لاءِ پنھنجي سيلف ڊفينس تحت ڪنھن بہ حد تائين وڃي سگھن ٿا.

والدين کي بہ گھرجي تہ پنھنجي نوجوانن تي نظر رکن ۽ انھن کي اھڙن ڪڌن عملن کان روڪين، نہ تہ شھر جو ماحول بگڙي سگھي ٿو


1 Response to "گمبٽ ۾ ٽيوشن تي ويندڙ نياڻين جو پيڇو ڪندڙ ڇوڪرا نياڻين جي پيءُ جي ور چڙھي ويا"

Trending Posts Display

Discount Offer