ڪمشنر سيد محسن علي شاه چيو ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي شين ۾ رعايت
ڪمشنر سيد محسن علي شاه چيو ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي شين ۾ رعايت
نوابشاهه(رپورٽ:راج ڪماراوڏ)
ڪمشنر شھيد بينظير آباد ڊويزن سيد محسن علي شاه چيو آھي ته وفاقي حڪومت پاران رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي عام کاڌي پيتي جي شين۾ رعايت ڏني آهي ان مان غريب ماڻهو وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن ان سلسلي۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي شين جي وافر مقدار ۾ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سان ڀرپور سهڪار ڪنديون اھڙن خيالن جو اظهار ھن نواب شاھ بڇيري روڊ تي قائم يوٽيلٽي اسٽور جي دوري کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. انھي موقعي تي ڪمشنر پاران عام دوڪاندارن کي پڻ صلاح ڏني ته ھو حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهن تي مڪمل طور تي عمل ڪن ۽ منافعي خوري ذخيره اندوزي کان پاسو ڪن رمضان مبارڪ دوران مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگھ وصول ڪندڙ دوڪاندارن خلاف لاڳاپيل حد جي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ٻين واسطيدار عملي پاران سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڪمشنر چيو ته يوٽيلٽي اسٽور جو سامان دوڪاندارن کي وڪري جي ثبوتن سان گڏ شڪايت ملي ته لاڳاپيل عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي انھي موقعي تي يوٽيلٽي اسٽورز جي ريجنل مئنيجر نياز بروهي ٻڌايو ته حڪومت پاڪستان پاران غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام لاءِ رمضان مھيني ۾ کاڌي پيتي جي شين تي تمام گھڻي سبسڊي ڏني وئي آھي جڏھن تہ پيڪنگ واريون شيون پڻ يوٽيلٽي اسٽور ۾ عوام کي رعايت سان وڪرو ڪيون پيون وڃن ڪمشنر پاران يوٽيلٽي اسٽور تي دوري دوران شين جي موجودگي ۽ معيار ۽ قيمتن جو پڻ جائزو ورتو ويو.
0 Response to "ڪمشنر سيد محسن علي شاه چيو ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي شين ۾ رعايت"
Post a Comment