ماتلي شھر ۾ وک وک تي گند ڪچرو ۽ بنيادي مسئلا حل نہ ٿيڻ خلاف احتجاج
ماتلي شھر ۾ وک وک تي گند ڪچرو ۽ بنيادي مسئلا حل نہ ٿيڻ خلاف احتجاج
رپورٽ:- جميل ڀرڳڙي ماتلي
ماتلي شھر ۾ وک وک تي گند ڪچرو سميت سمورا بنيادي مسئلا حل نہ ٿيا رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا ان سلسلي ۾شهري ايڪشن ڪميٽي ماتلي جي سڏ تي ماتلي شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف گول چڪري کان ريلي ڪڍي ايڊمنسٽريٽر ميونسپل آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن علي رضا سوڍو، راجا سوٽهڙ، مختياز زنگيجو ۽ ٻين چيو ته سومر جو ڏينھن آھي ۽ ميونسپل آفيس ۾ نه سي ايم او آھي نه ايڊمنسٽريٽر عوام ڪنھن کي پھنجا مسئلا ٻڌائي ھنن وڌيڪ چيو ته شهر جي 12 وارڊن ۾ سهولتون اڻلڀ آهن گٽرناليون اٿلي پيون آهن گهٽيون کنڊر بڻيل آهن ايڊمنسٽريٽر آفيس ۾ ويهڻ لاء تيار ناهي شهر سڄو گندگي جي ور چڙهيل آهي هنن هر وارڊ ۾ بنيادي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو مطالبا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن احتجاجي تحريڪ جو چتاء ڏئي ڇڏيو.
0 Response to "ماتلي شھر ۾ وک وک تي گند ڪچرو ۽ بنيادي مسئلا حل نہ ٿيڻ خلاف احتجاج"
Post a Comment