-->

Pop up

Ads display

سڪرنڊ نياڻي تعليم ڏيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو Sakrand laar voice news

سڪرنڊ نياڻي تعليم ڏيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو Sakrand laar voice news

 سڪرنڊ ۾ ھڪ نياڻي تعليم ڏيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ هڪ پورهيت لقمان چوهاڻ جي گهر واري فاطمه لقمان چوهاڻ پاڻ پڙھيل لکيل هجڻ سبب ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آھي



سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)

 سڪرنڊ ۾ ھڪ نياڻي تعليم ڏيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ هڪ پورهيت لقمان چوهاڻ جي گهر واري فاطمه لقمان چوهاڻ پاڻ پڙھيل لکيل هجڻ سبب ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ پنهنجي ئي گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ورتو آھي، غربت سبب تڪليفن هوندي به هن جوڙي همت جو مظاهرو ڪري ڳوٺ جي نياڻين کي فري ۾ تعليم ڏئي رهيا آھن جن ۾ ڪتاب ڪاپيون پينسلن سميت ٻيون شيون ٻارن کي فري ۾ ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته سندن گهر جي ديوار پڻ ڪريل آھي جنهن کي ٺھرائڻ جي به طاقت نه هجڻ باوجود هنن تعليمي ٻيڙي کي بيهڻ ناهي ڏنو، هن وقت فاطمه لقمان چوهاڻ ڳوٺ جي هڪ سؤ کان وڌيڪ نياڻين کي روزاني جي بنياد تي پڙھائي رهي آھي، فاطمه لقمان جو چوڻ آھي ته مون محسوس ڪيو ته ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان سنوارجي ۽ پوء مون پنهنجي گهرواري لقمان سان صلاح ڪئي ۽ ان به منهنجو مڪمل ساٿ ڏنو، ڇو ته هڪ نياڻي جي پڙھڻ سان مڪمل هڪ گهر پڙھي پوي ٿو اڄ جي نياڻي جڏهن سڀاڻي ماء ٿيندي ته پنهنجي اولاد جي بهتر تربيت سان گڏ تعليم جي اهميت کي سمجهي ان کي تعليم ڏياري سگهي ٿي، ان موقعي تي هنن وس وارن کي ميار ڏيندي چيو ته اسان جي اسڪول ۾ ڪافي سرندي وارا آيا وڏا وڏا اعلان ڪري ويا پر ڪنهن به ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو هنن وس وارن ۽ تعليم دوست ماڻھن سميت حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي هن وقت اسڪول جي ضرورت آھي اسڪول ڏنو وڃي ۽ اسان کي ٻارن جي تعليم جاري رکڻ لاء ڪتابن سميت فرنيچر وغيره مھيا ڪيو وڃي ته جيئن هن پڙھائي واري فلاحي ڪم کي جاري رکي سگهون۔

0 Response to "سڪرنڊ نياڻي تعليم ڏيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو Sakrand laar voice news"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer