خانپور مهر معصوم نينگري پراسرار بيماري ۾ مبتلا نياڻي جي علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل Khanpor mahir laar voice news
خانپور مهر ويجهو ڳوٺ علي بخش گڏاڻي جي رهواسڻ معصوم نينگري پراسرار بيماري ۾ مبتلا، وارث غربت سبب ٻارڙي جو علاج ڪرائڻ کان قاصر، چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن کان نياڻي جي علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل
خانپور مهر رپورٽ ميرمنٺارچنه
خانپور مهر ويجهو ڳوٺ علي بخش گڏاڻي جي رهواسڻ معصوم نينگري پراسرار بيماري ۾ مبتلا، وارث غربت سبب ٻارڙي جو علاج ڪرائڻ کان قاصر، چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن کان نياڻي جي علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ علي بخش گڏاڻي ۾ پورهيت علي مراد گڏاڻي جي ستن ورهين جي معصوم ڌيءَ مريم گڏاڻي گذريل ڏيڍ سال کان پراسرار بيماري ۾ مبتلا آهي، بيماري سبب نينگري بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري مسلسل هڪ ئي کٽ تي بي يارو مددگار پيل آهي، نينگري جي والد پورهيت علي مراد گڏاڻي ٻڌايو ته سندس نياڻي مريم کي خبر ناهي الائي ڪهڙي بيماري لڳي آهي، هن ٻڌايو ته آئون مسڪين آهيان ايتري سگهه ناهي جو ڌي جو علاج ڪرائي سگهان، جڏهن ته مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو آهي پر ڪو به فائدو نه پيو آهي، پورهيت چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ڌيءَ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي..
0 Response to "خانپور مهر معصوم نينگري پراسرار بيماري ۾ مبتلا نياڻي جي علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل Khanpor mahir laar voice news "
Post a Comment