-->

Pop up

Ads display

ماتلي پوليس جي بهترين ڪارڪردگي تي شھري  ڊي ايس پي خالد بلوچ ۽ ايس ايڇ او کي اجرڪن جا تحفه ڏيندي.

ماتلي پوليس جي بهترين ڪارڪردگي تي شھري ڊي ايس پي خالد بلوچ ۽ ايس ايڇ او کي اجرڪن جا تحفه ڏيندي.

 ماتلي پوليس جي بهترين ڪارڪردگي تي شھري  ڊي ايس پي خالد بلوچ ۽ ايس ايڇ او کي اجرڪن جا تحفه ڏيندي.



ماتلي پوليس پاران پرھجوم پريس ڪانفرنس ۾ ماتلي مان ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ملزمن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا

تفصيل مطابق ماتلي ٿاڻي تي ھڪ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايچ او ماتلي حاجي الھڏنو پنھور ۽ ڊي ايس پي خالد بلوچ رستماڻي صحافين ميڊيا جي نمائندن واپارين ۽ شھر جي معززين کي پريس بريفنگ ڏيندي گرفتار ملزمن بابت ٻڌايو ته گرفتار ملزمن تفتيش دوران اعتراف ڪيو ته ماتلي ۾ منصور خان جي جنرل اسٽور تان 18000 هزار روپين جي ڦر ڪئي JS بينڪ جي ATM تان خان محمد نظاماڻي کان 7000 هزار روپين جي ڦر ڪئي ۽ وري JS بينڪ جي ATM تان پئسا ڪڍندڙ شھري محمد اسماعيل نظاماڻي کان ٽيھ ھزار روپين جي ڪيش ڦر ڪئي ۽ احمد علي درس جي ڪريانه جي دڪان تان 2400 روپيه ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي ايس ايچ او ماتلي حاجي الھڏنو پنھور وڌيڪ ٻڌائندي چيو ته گرفتار ملزمن سونا خان ڇلڳري ۽ ڪاشف علي ڇلڳري وٺان 2 پسٽل ۽ 9 رائونڊ برآمد ڪيا ويا آھن  ھن موقعي تي موجود شھرين ۽ واپاري تنظيمن جي نمائندن ايس ايچ او ماتلي الھڏنو پنھور جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ ايس ايچ او ماتلي ۽ ڊي ايس پي ماتلي کي اجرڪن جا تحفه ڏنا.

1 Response to "ماتلي پوليس جي بهترين ڪارڪردگي تي شھري ڊي ايس پي خالد بلوچ ۽ ايس ايڇ او کي اجرڪن جا تحفه ڏيندي."

Trending Posts Display

Discount Offer