ملڪاڻي شريف ايل بي اوڊي سم نالي جي بندن جي مرمت نه ٿيڻ ۽ قدرتي وھڪرا بحال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
ملڪاڻي شريف ايل بي اوڊي سم نالي جي بندن جي مرمت نه ٿيڻ ۽ قدرتي وھڪرا بحال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
ملڪاڻي شريف روشن آباد ڀرسان گذرندڙ ايل بي اوڊي سم نالي ۽ جي بندن جي مرمت نه ٿيڻ ۽ قدرتي وھڪرا بحال نه ٿيڻ خلاف ڀرپاسي جي ڳوٺاڻان سم نالي جي بندن تي بيھي احتجاجي مظاهرو ڪيو ڳوٺ جئيو ريٻاري نواب نوتڪاڻي ٻٻر ڪلوئي وزير سرڪاڻي جي ڳوٺاڻن ميگھراج ريٻاري نوح علي ڪنڀر بشير رند الله رکيو چانڊيو نواب سرڪاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺن ڀرسان گذرندڙ خوني ايل بي اوڊي سم نالو ھر سال برساتن ۾ اسان جو جاني توڙي مالي نقصان ڪري ٿو تازو گذريل برساتن ۾ انهيَ سم نالي کي مختلف ھنڌن تان گھارا پيا ھئا جنهن ۾ اسان جا سوين ڪچا لڙھي ويا ھئا ۽ پوکيل ھزارين ايڪڙن تي فصل به گھارن جي پاڻي تباهه ڪيو ان وقت اسان جو وڏو نقصان ٿيو ھو وزيراعلي سنڌ آبپاشي وزير سميت حڪومت جا چونڊيل نمائندا پھتا ھئا جنن وڏا اعلان ڪيا ھئا ته جلد سم نالي جي بندن جو ڪم ڪرائي مضبوط ڪيا ويندا ۽ گھارن متاثرن کي رليف ملندو پر انهن جا علان اڌورا رھجي ويا رليف ته نه مليو پر سم نالي جي بندن جو ڪم به نه ڪرايو ويو جنهن ڪري ھيٺ وھندڙ قدرتي وھڪرا بحال نه ٿي سگھيا آهن وري مٿان برساتن جي موسم اچڻ واري آهي اسان کي وري به نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي پر سنڌ حڪومت ڪو به ڪم نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري اسان ڳوٺاڻان پريشان آھيون ڳوٺاڻان وزيراعلي سنڌ سميت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته سم نالي جي بندن جي مرمت ڪرائي قدرتي وھڪرن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي وھڪرا بحال ڪرائي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي روڊن رستا بلاڪ ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا
ارشد علي ھنگورجو لاڙ وائيس نیوز ملڪاڻي
0 Response to "ملڪاڻي شريف ايل بي اوڊي سم نالي جي بندن جي مرمت نه ٿيڻ ۽ قدرتي وھڪرا بحال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو"
Post a Comment