سنڌ سماٽ جي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ چيو آهي ته مان مخدوم نه بلڪه خادم آهيان Smat chif sardar jam tamachi uner live laar voice news
سنڌ سماٽ جي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ چيو آهي ته مان مخدوم نه بلڪه خادم آهيان
Smat chif sardar jam tamachi uner
سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
سنڌ سماٽ جي چيف سردار ۽ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ چيو آهي ته مان مخدوم نه بلڪه خادم آهيان سماٽ ۾ شامل برادريون منهنجي لاءِ هڪجيتريون مانائتيون آهن ڇاڪاڻ جو اڄ جيڪو مان مرتبو ملي ٿو اوهان راڄ ڀاڳ جي ڪري ئي آهي هُو سڪرنڊ ۾ ڄام اشرف انڙ ۽ شاهنواز انڙ پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڳاالهائي رهيو هو هن چيو ته سنڌ محبتن جي سر زمين آهي پر موجوده نفسا نفسي واري دور ۾ وڌيڪ محبتن جي ضرورت آهي سماٽ ان ۾ ڪردار ادا ڪن هن اهو به چيو ته اسين پنهجن سان عقيدت ضرور رکون ٿا پر نفرت ڪنهن قوم يا برادري سان نٿا ڪيون ها نفرت صرف ان ماڻھو سان آهي جيڪو نفرتن کي جنم ڏئي يا سماج ۾ ڏوهن جو ساٿاري هجي آجياڻي دوران ڄام اشرف انڙ پاران سردار ڄام تماچي کي بوسڪي جو پٽڪو پارائي دستاربندي ڪئي وئي جڏھن ته آيل مهمانن کي نظر حسين سولنگي ۽ حاجي خان لاکو سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا آجياڻي ۾ مظهر سولنگي آيل سمورن مهمانن کي ڀليڪار ڪندو رهيو ان موقعي تي علائقي جي معتبر شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ ذوهيب ڏاهري ، غلام نبي لاکو ، نور احمد لاکو ، نظر محمد انڙ ، نور محمد پرهياڙ ، يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جو صدر قاضي جاويد سنائي ، مشتاق احمد ڪيريو ، راجا خانزاده سميت ٻيا پڻ شامل هئا
0 Response to "سنڌ سماٽ جي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ چيو آهي ته مان مخدوم نه بلڪه خادم آهيان Smat chif sardar jam tamachi uner live laar voice news "
Post a Comment