-->

Pop up

Ads display

نندو مختيار ڪار بدين  نندو ايس ايڇ او تي ڏمرجي پيو  ڳوٺاڻن پاران سيشن ڪورٽ جي حڪم تحت آيل زرعي زمين مان گهر پٽي ڇڏيا

نندو مختيار ڪار بدين نندو ايس ايڇ او تي ڏمرجي پيو ڳوٺاڻن پاران سيشن ڪورٽ جي حڪم تحت آيل زرعي زمين مان گهر پٽي ڇڏيا

 نندو لڳ سيشن ڪورٽ جي حڪم تي زمين خالي ڪرڻ لاء آيل مختيار ڪار بدين ، نندو ايس ايڇ او تي ڏمرجي پيو ، ڳوٺاڻن پاران سيشن ڪورٽ جي حڪم تحت آيل زرعي زمين مان گهر پٽي ڇڏيا



رپورٽ پرويز حسين بليدي 

نندو لڳ سيشن ڪورٽ جي حڪم تي زمين خالي ڪرڻ لاء آيل مختيار ڪار بدين ، نندو ايس ايڇ او تي ڏمرجي پيو ، ڳوٺاڻن پاران سيشن ڪورٽ جي حڪم تحت آيل زرعي زمين مان گهر پٽ ڪري ڇڏيا ،مختيارڪار بدين پاران وڌيڪ گهر پٽڻ تان ڳوٺاڻا مڇرجي پيا ، ايس ايڇ او پاران وڌيڪ گهر نه ڊاهڻ تان ايا ايڇ او نندو تي ڏمرجي پيو ، مختيارڪار بدين ۽ پوليس واپس ،ڳوٺاڻن پاران مختيار ڪار بدين تي سياسي ونگار وهڻ جو الزام تفصيل موجب نندو لڳ ڳوٺ ٻڍو دستي ۾ هڪ ڌر کمون دستي پاران سندس زرعي زمين ۾ مقامي رهواسي علي احمد دستي پاران قبضو ڪري گهر ٺاهڻ خلاف  سيشن جج بدين کي ڏنل درخواست بعد سيشن ڪورٽ بدين پاران ڪيل فيصلي تحت 16 گهنٽا زرعي زمين خالي ڪرڻ لاء مختيارڪار بدين ۽ ايس ايڇ او نندو کي حڪم ڏنو هو جنهن تحت ڳوٺاڻن پاڻمرادو ڪورٽ جي حڪم کي مڃيندي مذڪره زرعي زمين مان گهر پٽ ڪري ڇڏيا پر مختيارڪار بدين نندو ايس ايڇ ۽ ڪڍڻ ،کوسڪي ۽ نندو جي نفري ساڻ ٻيهر زرعي زمين تي پهتا جتي ڳوٺاڻن کين ٻڌايو ته ڪورٽ جي حڪم تحت 16 گهنٽا خالي ڪيا آھن جنهن تي مختيارڪار بدين حڪم ڏيندي چيو ته سڄي زمين سرڪاري آھي انهي تان ڳوٺ کي خالي ڪريو جنهن تي ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو،جنهن بعد ايس ايڇ او نندو پڻ مختيارڪار بدين کي نقشو موجب گهر خالي ڪرڻ جو چيو ته مختيارڪار بدين ايس ايڇ او نندو تي به ڏمرجي پيو جنهن بعد پوليس ۽ مختيارڪار واپس روانه ٿي ويا هوڏانهن ڳوٺاڻن شڪيل دستي ،نظام دستي ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي مختيار ڪار بدين تي الزام هڻندي  چيو ته سيشن ڪورٽ بدين جي حڪم تحت اسان مذڪره ڌر جي آيل زرعي زمين 16 گهنٽا خالي ڪري ڇڏي آھي مگر مختيار ڪار بدين سياسي ونگار وهندي اسان کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آھي ته سڄو ڳوٺ خالي ڪريو هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي مزاحمت تي مختيارڪار بدين ڌمڪيون ڏنيون آھن ته توهان کي اها سموري زمين خالي ڪرڻي پوندي هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي مخالفت سبب اسان کي مختيارڪار بدين سياسي ونگار ۾ ڳوٺ خالي ڪرائي ٿو هنن سول جج بدين ،ڊي سي بدين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته مختيارڪار بدين خلاف قدم کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي  هوڏانهن ٻئي طرف ايس ايڇ او نندو نصرالله هاليپوٽو رابطي تي ٻڌايو ته مختيارڪار بدين بغير نقشي جي سموري ڳوٺ کي پٽڻ چاهيو ٿي جنهن تي ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد مون به مزاحمت ڪئي جنهن تان مختيارڪار بدين مڇرجي پيو ۽ ڪاوڙجي روانو ٿي ويو

0 Response to "نندو مختيار ڪار بدين نندو ايس ايڇ او تي ڏمرجي پيو ڳوٺاڻن پاران سيشن ڪورٽ جي حڪم تحت آيل زرعي زمين مان گهر پٽي ڇڏيا"

Post a Comment

Trending Posts Display

Discount Offer